سڪرنڊ: شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻين جا فن پارا پيش، تخليقيت، تعليم ۽ عورتن جي بااختياريءَ جي عڪاسي
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي آرٽس اينڊ ڊزائين شعبي جي شاگردياڻين طرفان نصابي سرگرمين ذريعي پنهنجن فن پارن جو نماءُ ڪيو ويو. ان موقعي تي نمائش ڏسندڙن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد جي شاگردياڻيون پنهنجي تعليمي ۽ نصابي سرگرمين سان نه صرف يونيورسٽي جو نالو روشن ڪري رهيون آهن، پر عملي ميدان ۾ پڻ پنهنجي صلاحيتن ۽ محنت سان پاڻ مڃائي رهيون آهن.
خاص طور تي يونيورسٽي جي آرٽس اينڊ ڊزائين شعبي جون شاگردياڻيون پنهنجن فن پارن جي ذريعي پنهنجي تخليقيت جو اظهار ڪري رهيون آهن، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تعليم ۽ عورتن جي بااختياري لاءِ ڏنل مشن تحت هلندڙ هي ادارو پنهنجي شاگردياڻين کي هر ميدان ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ مڪمل مدد ۽ حوصلا فراهم ڪري رهيو آهي.
هنن چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه تعليم دشمن قوتون خصوصي طور تي شاگردياڻين لا۽ بهترين ماحول فراهم ڪندڙ هن تعليمي اداري کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سازشون ڪري رهيون آهن. اهي عناصر، جيڪي شاگردياڻين جي ترقي ۽ امن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.
اسان کي پوري اميد آهي ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جا استاد، شاگرد ۽ خاص طور تي شاگردياڻيون گڏجي انهن سازشي عناصر کي روڪينديون ۽ يونيورسٽي جي پرامن، تعليمي ۽ تخليقي ماحول کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪنديون. يونيورسٽي جو هي روشن مستقبل ئي نه صرف تعليمي ادارو پر سماج لاءِ پڻ هڪ مثال بڻجي رهيو آهي،
جتي تعليم، امن ۽ ترقي گڏ گڏ هلن ٿيون. هي هڪ وڏي فخر ۽ ڪاميابيءَ جو ثبوت آهي ته ڇوڪريون صرف ڪتابن تائين محدود نه رهيون، پر مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري رهيون آهن. يونيورسٽي جي شاگردياڻيون تعليم، صحت، ڪاروبار، سماجي خدمتن ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. انهن شاگردياڻين پنهنجي محنت، لگن ۽ مهارتن جي ذريعي نه صرف پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پر سماج جي ترقيءَ ۾ پڻ پنهنجو اهم حصو وجھي رهيون آهن.
تعليمي ميدان ۾ سندن ڪاميابيون ٻين لاءِ مشعل راهه آهن جڏهن ته عملي ميدان ۾ سندن ڪارڪردگي سماجي تبديلي جو ذريعو بڻجي رهي آهي. ڪاروبار ۽ انٽرپرينيور شپ ۾ به نوجوان ڇوڪرين پنهنجي نون خيالن ۽ منصوبن سانمعاشري ۾ پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو آهي، جنهن سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن.
جُون 3, 2025