سڪرنڊ: جسقم تعلقي سڪرنڊ پاران منشيات ۽ فحاشي اڏن خلاف سخت احتجاج، پوليس تي سرپرستي جو الزام
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ وڌندڙ منشيات ۽ فحاشي اڏن جي سرعام ھلڻ خلاف جسقم تعلقي سڪرنڊ پاران آرگنائيزر مسعود شاھ ، مصطفي زئنور ، قربان ٻنڀ ، مورڙيو ميربحر ، علڻ رند جي اڳواڻي ۾ قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري وڌندڙ منشيات ۽ سرعام ھلندڙ فحاشي اڏن خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ سڪرنڊ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ھلندڙ منشيات سبب نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي
سڪرنڊ تعلقي جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ ھن وقت آئيس ، ھيرون ، ڪچو شراب ، نقلي وسڪي ، مين پڙي ، ۽ گھٽڪو سرعام ھلي رھيو آھي جنھن سان نوجوان نسل تباھ ٿي رھيا آھن
پر منشيات فروشن کي پوليس جي سرپرستي حاصل آهي جڏهن تہ فحاشي اڏا سرعام ھلن پيا پر انھن خلاف پوليس ڪابہ حرڪت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تہ سڪرنڊ ۾ ھلندڙ منشيات ۽ فحاشي اڏن خلاف ڪارروائي ڪري قدم کنيو وڃي ٻي صورت م احتجاج جو داائرو وڌايو ويندو.
جُون 3, 2025