فتح جي دعوائن دوران جهازن جي ڪرڻ جو اعتراف، هندستاني عوام ڳڻتي ۾ ورتل

Spread the love

عباس ناصر

هندستان جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل انيل چوهاڻ پاران ھندستاني ايئر فورس  جي جنگي جھازن جي غيرواضح  تعداد ڪيرائڻ جي  تصديق آڏو آئي آهي.جنھن پاڪستاني عوام ۾ سوڀ کي وڌيڪ سگهھ ڏني آھي.جنرل انيل چوهاڻ چيو آھي ته هن ٻيھر فضائي ڪارروائي کان اڳ  ”ٽيڪنيڪل غلطي“ مان سکيو ۽ ان کي درست ڪيو آهي.جنرل انيل چوهاڻ سنگاپور سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران بلومبرگ سان ڳالهائي رهيو هو جتي هن کان پڇيو ويو ته ڇا هندستاني هوائي فوج جو ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ  جهاز ڪيرايا ويا هئا. سندس تصديق تمام دلچسپ هئي ڇاڪاڻ ته هو زور ڏئي رهيو هو ته اهو ضروري ناهي ته اھي ڪيرايا ويا  (هتي هن  ڪيرايل جهاز لاءِ جمع ۾ ڳالهايو) پر اهم اھي سبق آھن ،پي انھن مان سکي ڪري ٻن ڏينهن اندر ئي جھاز فضا ۾موڪليا ويا.

جيتوڻيڪ  پاڪستان ۾ ماڻهو فخر ۽ راحت محسوس ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ  ته انهن جي فوج پاڻ کان ڇھوڻ يا ستوڻ  تي وڏي ۽ بھتر دفاعي خرچ واري دشمن خلاف  سٺي ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪيو، پرھاڻي پاڪستان جي لاءِ غرو ڪرڻ جو  وقت آهي ته پاڪستان  فتح سان حاصل ٿيندڙ فائدن جي حوالي سان  سنجيدھ ڪوششون ڪري.

سنگاپور ۾ جنھن فورم تي جنرل انيل چوهاڻ بلومبرگ سان ڳالهايو،اتي  پاڪستان جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل ساحر شمشاد، رائٽرز کي ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جون فوجون سرحدن کان پوئتي هٽندي 22 اپريل کان اڳ  واري پوزيشنز تي واپس اچي چڪيون آھن يا پوئتي هٽڻ جي عمل ۾ آهن.پر هن اهو به تسليم ڪيو ته وزيراعظم نريندر مودي پاران اعلان ڪيل هندستان جي نئين نظريي جي تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرار ڇيڙڻ  گھڻو آسان ٿي ويو آهي. هن چيو ته  سنڌ طاس معاھدي کي معطل ڪرڻ واري هندستان جي هڪ طرفي فيصلي پڻ خطري کي وڌايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته زراعت تي ڀاڙيندڙ ملڪ جي 24 ڪروڙ ماڻهن مان اھا توقع نه ٿي ڪري سگهجي ته اهي آرام سان ويٺي پنهنجي نلڪن ۾ پاڻي جي فراهمي کي بند ٿيندي ڏسندا رھن.پوءِ، ٻئي طرف، نريندر مودي جا شرپسندي وارا بيان آهن، جن کي هندستاني مبصر چئن ياپنجن مهينن بعد  بهار ۾ ٿيندڙ  چونڊن سان ڀيٽي رهيا آهن. اهي بيان بي نتيجي نه آهن ڇاڪاڻ ته ھن کان اڳين  چونڊن ۾ بي جي پي، کي ووٽ ڏيندڙ ٻھ ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ هندستاني ووٽرن ۾ اھا اميد پيدا ٿئي ٿي  ته پاڪستان کي ‘سزا’ ڏيڻ لاءِ ڪجهه نھ ڪجھھ ضرور ڪيو ويندو.

هڪ ٻيو عنصر  جنھن جي ڪري  هندستان  وڏي ڪارروائي ڪرڻ کان هٻڪي رهيو آهي،اھا ان جي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي جي ابتڙ  ھڪ به 22 اپريل تي پهلگام دهشتگردي واري حملي  جي ذميداري پاڪستان  تي وجھڻ جي لاءِ نئين دھلي جي موقف جي تائيد نه ڪئي.

 هندستاني پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر پاران  ملڪن کي هندستان جي نقطه نظر کي قبول ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۾ ناڪامي ٿي،جنھن بعد  بي جي پي حڪومت ششي ٿرور جي مدد ورتي، جيڪو ماضي ۾ گڏيل قومن جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل رھيو آھي ۽ هاڻي ھو انڊين نيشنل ڪانگريس جو ميمبر آهي.هندستان لاءِ افسوس واري ڳالھھ ھي آھي تھ عام طور تي مھذب انداز ۾ گفتگو ڪندڙ سياستدان به ھن وقت سوشل ميڊيا ٽرول کان بهتر نه لڳا. جڏهن انهن ڪولمبيا جي حڪومت کان حمايت نه ملڻ جي شڪايت ڪئي. ھنن چيو ته ڪولمبيا حڪومت هندستاني هوائي حملي ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ موتن جي مذمت ڪئي پر انھن  دهشتگردي ۽ پاڪستان تي، هندستان جي موقف جي حمايت نه ڪئي.

مان هي ان ڪري نھ لکيو تھ پاڪستان جي سائيز کان  ڏھوڻ تي وڏو ۽  گھڻي مستحڪم معيشت واري ملڪ  جو ڀوڳ بڻجي بلڪھ  اهو لکڻ جو مقصد اھو ظاھر ڪرڻ آھي تھ تازي ڇڪتاڻ هندستان کي ڪيئن شرمسار ڪيو .هندستان ۾ وڏي پئماني تي مونجهارو آهي. هڪ طرف ڪيتريون ئي ‘دفاعي ۽ فوجي معاملن’ جون ويب سائيٽون هندستان جي فتح جي بيانئي جو پرچارڪ ڪري رهيون آهن ۽ چئي رهيون آهن ته هندستان جنگ کٽي ورتي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف، انهن جي چيف آف ڊفينس اسٽاف طرفان اهڙو اعتراف  سامھون اچي رهيو آهي.

مون کي حيرت نه ٿيندي تھ اھڙي قسم جي ذهنيت سان، هندستاني قومپرست سياسي قيادت،اھڙي قسم جي ڪا ٻي ڪارروائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. مون کي اھا تھ خبر ناهي ته آيا پهلگام واقعو فالس فليگ آپريشن ھو يا نھ پر  اهڙو ٻيو واقعو آڪٽوبر/نومبر ۾ ڊگهي عرصي کان متوقع   بهار جي چونڊن کان ٿورو اڳ ٿيڻ جو امڪان  ٿي سگھي ٿو.صورتحال جي گھرج آھي تھ ھفتي جا ستئي ڏينھن ۽ چويھھ ئي ڪلاڪ تيار رھڻ گھرجي. هڪ اهم سوال اهو آهي ته ڪهڙو ملڪ وڌيڪ وقت تائين خبردار رهي سگهي ٿو ڇو ته فوج کي مڪمل طور جنگي حالتن جي لاءِ مڪمل پيماني تي تيار يا اسٽيڊباءِ  رکڻ تي ڪافي لاڳت اچي ٿي.

بجيٽ جي آمد سان اهو واضح ٿي ويندو ته  ھن تياري جي پاڪستان کي ڪيتري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. جنهن ۾ تازو 4 ڏينهن جي تڪرار دوران موجود ڪمزورين جي بنياد تي نئين فوجي سامان جي خريداري بھ شامل آهي. هڪ قوم جنهن جي اڪثريت اڳ ۾ ئي مالي مسئلن ۾ دٻيل آهي، ان کان وڌيڪ قربانين جي تقاضا ڪري  سگهجي ٿي.تنهن ڪري، ان کي يقيني بڻائڻ انتھائي ضروري آهي ته سيڪيورٽي ڪڙي  ۾اھڙي ڪا به ڪمزوري نه هجي،جو  دشمن ان مان فائدو وٺي سگهي. اندروني هم آهنگي کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي. گهر ۾ ميل جول ۽ مفاهمت وقت جي ضرورت آهي. اھي سڀئي جيڪي اقتدار ۾آھن ،اھي بھ  جيڪي اقتدار جي خواهش رکن ٿا ۽ اھي ماڻھون جن کي لڳي ٿو تھ جن کي دوکو ڏئي اقتدار کان ٻاهر رکيو  ويو آهي، انهن  سڀني کي مفاھمت ڪري عقيدي يا انا جي خول مان نڪري اچي پنهنجي پوزيشن تان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

اسان ڪيترائي  ڀيرا ٻڌو آهي ته هندستان ۽ ان جون سيڪيورٽي سروسز ڪئين  بلوچستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي  ڪري رهيون آهن. ان کان اڳ ڪيترائي ڀيرا انھن کي منھن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن، پر ان ۾ محدود ڪاميابي ملي آھي. تنهن ڪري مفاهمت جو دائرو رڳومرڪزي ڌارا  جي سياسي پارٽين/اڳواڻن تائين  ئي نھ بلڪھ ، ان کي انھن ننڍن  نسلي گروهن تائين به وڌايو وڃي جن جي صلح پسند عنصرن کي واپس مکيه ڌارا ۾ آندو وڃي.

ائين ڪرڻ لاءِ بلوچستان  جون اھي شخصيتون جن جي سرپرستي اسٽيبلشمينٽ  ڪري ٿي، جن لاءِ مقامي چونڊون کٽڻ بھ مشڪل آھي۽ اهي ڪا بھ مفاھمت نھ  چاهينديون، ڇاڪاڻ ته انهن کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن امن قائم ٿي ويو ته کين خدشو آھي تھ اھڙين حالتن ۾ انهن ماڻھن  سان گڏ ڪم ڪيو ويندو ، جيڪي صوبي جا حقيقي نمائندا  ھوندا. نتيجي طور، انهن کي اقتدار ڇڏڻ لاءِ چيو ويندو.

جُون 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو