ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 80 ڪروڙ ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 80 ڪروڙ ڊالرن جي مالي سهائتا واري پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ حالتون بهتر بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، جنهن جي بنياد تي هي رقم مالي پائيداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مهيا ڪئي پئي وڃي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته هي پروگرام حڪومت جي پاليسين ۽ اداراتي سڌارن بابت عزم جي حمايت ڪري ٿو، جيڪو نه رڳو عوامي ماليات کي مضبوط بڻائيندو، پر پائيدار ترقيءَ کي به هٿي ڏيندو.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب، پروگرام سان مالي خساري ۽ قرضن ۾ گهٽتائي ايندي، جڏهن ته ترقياتي ۽ سماجي خرچن لاءِ وڌيڪ مالي گنجائش پيدا ٿيندي.
اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي 1966ع کان وٺي هيل تائين 52 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو امدادي ۽ ترقياتي سهڪار فراهم ڪيو ويو آهي.

جُون 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو