سڪرنڊ جي سال 2025 ۽ 26 لاءِ ٿيندڙ سالياني چونڊن جو پهريون مرحلو مڪمل

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ شهر جي واپارين ، ڪائونسلرن ، مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ٽريڊ يونين تي مشتمل گڏيل اداري شهري اتحاد سڪرنڊ جي سال 2025 ۽ 26 لاءِ ٿيندڙ سالياني چونڊن جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو ان سلسلي ۾ سنڌڙي پينل پنهنجو نامينشن فارم پينل جي سرواڻ قاضي جاويد سنائي ، سرپرست اعليٰ علي شير انڙ ۽ صدر سيد احسان علي شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ مڪملن سٿ سان گڏ اليڪشن آفيس ۾ جمع ڪرايو جيڪو اليڪشن چيئرمين ڊاڪٽر اقبال ڀٽي ۽ سندس ميمبرن امير علي ميمڻ ۽ شرافت شيخ وصول ڪيو

 ان موقعي تي سنڌڙي پينل جي سرپرست علي شير انڙ ۽ صدارتي اميدوار احسان علي شاھ ڳالهائيندي چيو ته شهري اتحاد هڪ مضبوط ادارو آهي ماضيءَ ۾ به هن اداري پنهنجي وس آهر شهرين جي خدمت ڪئي آهي هيئنر به ان شاء الله سنڌڙي پينل جي ڪاميابيءَ کانپوءِ شهري اتحاد جي ميمبرن جي صلاح ۽ سهڪار سان اداري جي بهتري ۽ شهرين جي مسئلن تي وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو ويندو

 ان موقعي تي اليڪشن چيئرمين ڊاڪٽر اقبال ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽوٽل 6 ڇھ نامينيشن فارم اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيا ويا جن مان آخري تاريخ تي صرف ٻه فارم جمع ٿيا آهن جيڪي سنڌڙي پينل ۽ شهباز پينل جي نالي سان آهن هن وڌيڪ چيو ته فارم جمع ڪرائيندڙ ٻنهين پينل جي اميدوارن ۾ اميدون آهن ته هُو اليڪشن ڪميشن جي ضابطن ۽ اصولن تي عمل ڪندا.

جُون 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو