سڪرنڊ: غلط دوا سبب معصوم ٻارڙي جي زندگي خطري ۾، والد فوري علاج لاءِ مدد جو مطالبو

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ خميسو خاصخيلي جي رهواسي منظور خاصخيلي تعلقه اسپتال سڪرنڊ جي دروازي اڳيان ٻين عزيزن سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته ڊيوٽي ڊاڪٽر حامد پاران منھنجي معصوم نياڻي منظوران کي غلط دوا ڏني وئي جيڪا پيارڻ کان پوءِ سندس طڀعيت تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي.

 هن چيو ته ڊاڪٽر پاران نوابشاه ريفر ڪيو پيو وڃي پر آئون تمام گهڻو مسڪين آهيان مون وٽ وڌيڪ علاج لاء پئسا ناهن. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي واهر ڪئي وڃي ته جيئن  منهنجي نياڻيءَ جي زندگي بچي سگهي.

جُون 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو