دادو: ڪاڇي جي ڳوٺ پريو جمالي جي واٽر سپلائي اسڪيم ناڪارا، ڳوٺاڻا پاڻي لاءِ پريشان
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ڪاڇي جي ڳوٺ پريو جمالي جي واٽر سپلائي اسڪيم جي مين لائين هنڌان هنڌان ليڪ هجڻ سبب ڳوٺاڻن تائين پاڻي پهچڻ مشڪل بڻيل آهي،
جنهن سبب عوام ڏکيائن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي پيو آهي. چونڊيل نمائيندن، ڊي سي دادو ۽ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي اختيارين کي بار بار شڪايتن باوجود مين لائين جي تبديلي توڙي مرمت لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا پيا وڃن، ڳوٺاڻن آصف جمالي، نظير جمالي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسان کي جتي 2 بور ملڻا هئا اتي هڪ بور لڳايو ويو آهي،
جنهن سان ڳوٺ جي اڌ آبادي تائين پاڻي نه ٿو پهچي ڳوٺاڻن وڌيڪ ڇيو ته پاڻي سپلائي لاءِ لائين 6 يا 8 جو پائيپ استعمال ڪرڻو هئو اتي 4 جو پائيپ استعمال ڪيو ويو،
جنهن سبب اڪثر پائيپ لائين ٽٽي پوي ٿي ڪيترائي ڀيرا پنهنجي مدد پاڻ تحت مين لائين جي ليڪيج کي رٻڙ ٽيوب سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هاڻ ته مين لائين هنڌان هنڌان ٽٽي پئي آهي
جنهن سبب ڳوٺ تائين پاڻي جي فراهمي بند آهي ۽ هن سخت گرمي جي ڏينهن ۾ ڳوٺاڻا پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن، تڪ جي چونڊيل نمائيندن ڊي سي دادو کي وري به اپيل آهي ته اسڪيم مطابق وڏيڪ هڪ بور لڳائي مين لائين تبديل ڪري ڏني وڃي ته جئين ڳوٺاڻن تائين پاڻي جي فراهمي يقيني بڻجي سگهي.
جُون 2, 2025