ڄامشورو : ضلعي انتظاميا پاران امڪاني برساتن ۽ عيدالاضحي جي تيارين لاءِ اهم اجلاس

Spread the love

ڄامشورو  (رپورٽ:  محمد وارث ) ضلعي انتظاميا پاران امڪاني برساتن ۽ عيدالاضحي جي تياريءَ لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان هڪ اهم اجلاس منعقد ٿي گذريو، جنهن ۾ ضلعي کي موسمي چيلينجز ۽ عيد جي موقعي تي صفائي ۽ صحت جون سهولتون مڪمل طور تي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع هدايتون ڏنيون ويون

قائم مقام ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو نورالدين هنگورجو جي صدارت ۾ درٻار هال جامشورو ۾ ٿيل اجلاس ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊي سي نورالدين هنگورجو ڊريينج سسٽم، عيدگاھن جي صفائي، ۽ صحت جي سھولتن بابت فيصلو ڪندي هدايتون ڏنيون هن ميونسپل ۽ ٽائون انتظاميه کي هدايت ڏني ته  ضلعي ۾ امڪاني برساتن کان اڳ  ڊريينج سسٽم کي صاف ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به رڪاوٽ کي ختم ڪيو وڃي جڏھن ته ڪچري کي بروقت هٽائڻ سميت ٻين  مسئلن کي روڪڻ لاءِ مڪمل انتظام ڪيو وڃي،

عيد جي موقعي تي قرباني جي جانورن جي اوجھرين ۽ ڪچري جي صفائي لاءِ  پڻ خاص انتظام ڪيا وڃن  اي ڊي سي ون  ميونسپل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته عيدگاهن ۽ ڀر پاسي وارن علائقن ۾ صفائي مھم هلائي وڃي ۽ ڪچرو بروقت صاف ڪيو وڃي

قرباني جي ڪچري کي گھربل طريقي سان ڊسپوز ڪيو وڃي ته جيئن بيماريون پکڙڻ کان روڪڻ ۾ مدد ملڻ سان گڏ عوام کي ڪابه تڪليف نه ٿئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي ته ضلعي جي سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ مڪمل انتظام ڪيو وڃي، خاص طور تي عيد جي ڏينهن ۾ گهربل   اسٽاف جي  موجودگي  کي يقيني بڻايو وڃي ان حوالي سان  صحت کاتو عوام ۾ اڳواٽ آگاهي مھم هلائي، خاص ڪري ڪچري جي صفائي ۽ جراثيم ختم ڪرڻ وارين  دوائن جي  دستيابي يقيني بڻايو وڃي

 ڊي سي نور الدين هنگورجو چيو ته ضلعي انتظاميه پاران  عوام جي سھولت لاءِ مڪمل تياري ڪئي وئي آهي ۽ ڪابه ڪسر نه ڇڏبي . هن عوام کي   اپيل ڪئي ته صفائي ۽ صحت جي حفاظت لاءِ سرڪاري هدايتن تي عمل ڪن، 

انتظاميه طرفان عوام دوست فيصلن سان گڏ، جامشورو ضلعو امڪاني موسمي چيلينجز ۽ عيد جي خوشين کي محفوظ ۽ صاف ماحول فراهم. ڪرڻ لاءِ تيار آهي،

اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير منظور احمد، اي ڊي سي ٽو عدنان تنيو، پي پي ايڇ آئي جو ڊسٽرڪٽ مئنيجر شفيق رحمان آگرو، سي ايم او ٻولھاڙي ذوالفقار علي چنا سميت تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر، لوڪل گورنمينٽ، روينيو، صحت، ٽائون ميونسپل ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا.

جُون 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو