ڄامشورو: ڪوٽڙي ۽ سائيٽ ۾ بدامني خلاف ايس يو پي جو ڌرڻو ملتوي، پوليس پاران هڪ هفتي ۾ امن بحالي جو واعدو
ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث ) ڪوٽڙي ۽ سائيٽ ۾ بدامنيءَ خلاف ايس يو پي جو ڌرڻو ملتوي، پوليس پاران هڪ هفتي ۾ امن بحالي جو واعدو (ايس يو پي) تعلقه ڪوٽڙي پاران ڪوٽڙي ۽ سائيٽ جي علائقن ۾ وڌندڙ بدامني خلاف 3 تاريخ تي ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن بعد ايس ايس پي ڄامشورو معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر منير حيدر شاه سان رابطو ڪري ڌرڻو ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جي هدايت تي ايس ايڇ او سائيٽ، زاهد جهتيال، ايس يو پي تعلقه آفيس پهچي تعلقه صدر خالد لاشاري، فقير شمشاد ميڻو عبدالطيف ڀٽي مير مرتضیٰ رند يار خان چاچڙ امير جتوئي سان ملاقات ڪري امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. پوليس پاران هڪ هفتي اندر علائقي مان چوري ٿيل گاڏيون ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو.
ان موقعي تي ايس يو پي جي اڳواڻن خالد لاشاري ۽ فقير شمشاد ميڻو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، “اسان علائقي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ روزمره وارين چورين خلاف ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي ايس ايس پي ڄامشورو پاڻ رابطو ڪري مسئلي کي سنجيدگي سان ورتو ۽ ايس ايڇ او کي ڳالهين لاءِ موڪليو. پوليس جي خاطري تي اسان ڌرڻو في الحال ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.”
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته، “اسان پوليس کي هڪ هفتي جو وقت ڏنو آهي، جيڪڏهن ان عرصي دوران چوري ٿيل گاڏيون ۽ سامان واپس نه ٿيو ۽ امن امان جي صورتحال تي ضابطو نه آيو ته اسان ٻيهر ڌرڻي جو اعلان ڪنداسين.
جُون 2, 2025