ڄامشورو: ڪوٽڙي سائيٽ تي برف جي مهانگي وڪري خلاف رهواسين جو احتجاج، ضلعي انتظاميا کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

Spread the love

ڄامشورو ( رپورٽ: محمد وارث)  ڄامشورو لڳ ڪوٽڙي سائيٽ برف بليڪ تي وڪرو ۽  مهانگي ٿيڻ خلاف رهواسين شهباز ميمڻ شوڪت سولنگي حاجي منظور ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ميڊيا سان ڳالهائيندي رهواسين دانهيو ت ڪوٽڙي سائيٽ ۾ برف بليڪ تي مهانگي اگه تي وڪرو ٿي رهي آهي

 پنجويه سئو کان ٽي هزار في بلاڪ وڪرو ٿيڻ سبب رهواسي ٿڌي پاڻي جهڙي سهولت کان ب محروم آهن ويهين روپي جي برف هڪ سئو ۾ ڏني وڃي پئي برف جي ڪارخانن جا مالڪ عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن

 قهر جهڙي گرمي مٿان وري برف جي هٿرادو قلت سبب عوام ٻٽي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي جڏهن ت ان مسئلي تي ضلعي انتظاميا جي خاموشي سمجه کان ٻاهر آهي

 احتجاج ڪندڙن ڊي سي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ت نوٽيس وٺي مهانگي برف کپائڻ وارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري برف سستي ڪرائي وڃي جيئن عوام سک جو ساه کڻي.

جُون 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو