سکر : خورشيد احمد شاهه احتساب عدالت سکر ۾ پيش
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس سلسلي ۾ احتساب عدالت سکر ۾ پيش ٿيو، جتي پيش ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ملڪي، صوبائي ۽ عالمي صورتحال تي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا.خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ملڪ جون معاشي حالتون سڌرڻ طرف وڌي رهيون آهن،
پر مهانگائي ۾ نمايان واڌ عوام لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي رهي آهي. هن چيو ته، آهستي آهستي استحڪام اچي رهيو آهي، پر عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ ضروري آهن.هن چيو ته بجيٽ جي آمد ويجهو آهي ان ڪري عوام کي گهرجي ته پنهنجا مسئلا کلي دل سان بيان ڪن ته جيئن پارليامينٽ ۾ انهن جي صحيح نمائيندگي ڪري سگهجي.
سنڌ جي صورتحال بابت ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته صوبي ۾ امن امان جا سنجيده مسئلا آهن جن لاءِ فوري ۽ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته “ماڻهن ۾ اڻ تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي انڪري حڪومت جي اولين ترجيح امن امان جي مڪمل بحالي هجڻ گهرجي.علائقائي حالتن تي تبصرو ڪندي خورشيد احمد شاهه چيو ته جيئن پاڪستان ۾ چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن
ڀارت جي طرفان جارحاڻي بيان ۽ ڌمڪيون سامهون اچي رهيون آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي ۽ ڪنهن به قسم جي جارحاڻي قدم جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.عالمي سياست بابت صحافي جي سوال تي خورشيد شاهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته ٽرمپ جي ڪوشش آهي
ته دنيا ۾ تڪرار جو ماحول برقرار رهي ته جيئن هو پنهنجي حڪمراني کي هٿي ڏئي سگهي. هن چيو ته ٽرمپ جي پاليسين جي نتيجي ۾ دنيا جي مختلف علائقن ۾ تڪرار وڌي رهيا آهن، جيڪي عالمي امن لاءِ خطري جو سبب آهن.
جُون 2, 2025