سکر : سينٽرل جيل سکر ۾ سزائي موت جو قيدي نديم اختر لاڏاڻو ڪري ويو
سکر (بيورورپورٽ: ماجد منگي) سينيئر سپرنٽنڊنٽ سينٽرل جيل ۽ اصلاحي مرڪز سکر شهاب الدين صديقي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سينٽرل جيل ۽ اصلاحي مرڪز سکر ۾ قيد سزائي موت جو قيدي نديم اختر ولد عبدالرئوف شيخ 31 مئي 2025 صبح 6:30 بجي جيل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو, جنهن کي 30 مئي 2025 تي طبيعت خراب ٿيڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو
جتي هن جو علاج جاري رهيو پر صحت ۾ سڌارو نه آيو۔ پڌرائي موجب سزائي موت جي قيدي نديم اختر کي 29 آگسٽ 2008 تي ايڊيشنل سيشن جج IV, حيدرآباد قتل ڪيس ۾ سزائي موت ٻڌائي, جڏهن ته مرحوم جي اپيل پڻ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اسلام آباد ۾ زير سماعت آهي۔
قيدي جي وفات جو اطلاع ملڻ بعد جيل انتظاميه قانوني ۽ خانداني گهرجون پوريون ڪرڻ لاء قيدي جي وارثن/رشتيدارن سان رابطي لاء تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو جنهن جو اطلاع سينيئر سپرنٽنڊنٽ پوليس حيدرآباد کي پڻ ڏنو ويو۔
پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سول جج ۽ جوڊيشل ميجيسٽريٽ روهڙي جي نگراني هيٺ سموري قانوني ڪارروائيون پوريون ڪرڻ بعد ميت کي پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو, مرحوم جي وارثن سان رابطي جي ڪوشش باوجود ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو, جنهن لاء پوسٽ مارٽم کان پوء سول ميجيسٽريٽ جي حڪم تي ميت کي دفنائڻ لاء ايڌي سينٽر سکر حوالي ڪيو ويو۔
جُون 2, 2025