بجيٽ: نان فائلرز جَي پنجاهه هزار کان وڌيڪ ڪيش ڪڍرائڻ تي ٽيڪس وڌائڻ تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ نان فائلرز تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.
ايف بي آر ذريعن موجب، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ مختلف ٽيڪس تجويزن تي ڪم جاري آهي، بجيٽ ۾ نان فائلرز لاءِ روزانو 50 هزار رپيا کان وڌيڪ رقم ڪڍرائڻ تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته نان فائلرز لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح 0.6 سيڪڙو مان وڌائي 1.2 سيڪڙو ڪرڻ جو امڪان آهي.
ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ 850 سي سي کان ننڍين گاڏين تي سيلز ٽيڪس ۾ اضافو متوقع آهي، مقامي طور تي تيار ڪيل گاڏين تي جِي ايس ٽي جي شرح 12.5 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ گاڏين تي ليوي لڳائڻ جي به تجويز پيش ڪئي وئي آهي.
ايف بي آر ذريعن موجب، بجيٽ ۾ بئنڪن ۾ جمع ڪرايل پئسن، بچت اسڪيمون، ڪيپيٽل گين ۽ منافعي تي پڻ ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته سپر ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جي تجويز تي به غور جاري آهي.