ڀارتي ڌمڪين بعد ديامير ڊيم جي تڪڙي اڏاوت ضروري قرار، حيدرآباد-سکر موٽر وي به ترجيحي رٿائن شامل آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ترقياتي مد لاءِ هڪ هزار ارب رپيا رکيا ويا آهن، جيڪا رقم هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ سئو ارب رپيا گهٽ آهي.
هي ڳالهيون هن سيالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيون، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي واڌ جي شرح 4.2 سيڪڙو رکڻ جي تجويز سامهون آئي، جڏهن ته زرعي شعبي لاءِ واڌ جو هدف 4.5 سيڪڙو، لائيو اسٽاڪ لاءِ 4.2 سيڪڙو ۽ صنعتي شعبي لاءِ 4.3 سيڪڙو رکڻ جي تجويزون ڏنيون ويون.
احسن اقبال چيو ته بلوچستان لاءِ ايندڙ سال ترقياتي بجيٽ مان 250 ارب رپيا رکيا ويندا، جڏهن ته قومي نوعيت جي منصوبن، خاص ڪري پاڻيءَ وارين رٿائن کي ترجيح ڏني ويندي.
هن زور ڀريو ته ڀارت جي ڌمڪين کانپوءِ ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير جلد شروع ڪرڻ ضروري آهي، ان کانسواءِ قراقرم هاءِ وي فيز ٽو لاءِ فنڊز مختص ڪيا ويندا، جڏهن ته اين-25 ڪراچي-ڪوئيٽا-چمن روڊ ۽ حيدرآباد-سکر موٽروي پڻ ترجيحي منصوبن ۾ شامل آهن.