”ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد“عيد جا ڪپڙا گهرڻ تان پورهيت پيءُ ٽن ٻارن کي زهر ڏئي پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان ويجهو غربت ۽ مايوسيءَ جي انتها افسوسناڪ واقعي جي صورت ۾ سامهون آئي، جتي عيد جا نوان ڪپڙا گهرڻ تان هڪ پريشان پيءُ پنهنجن ٽن ٻارن کي زهر ڏئي پوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏي.
پوليس موجب، رڪن پور جي علائقي سردار ڳڙهه بستي حاجي پير ۾ ٽريڪٽر ٽرالي تي ڪم ڪندڙ هڪ پورهيت ڪم نه ملڻ سبب ڪيترن ئي ڏينهن کان سخت پريشان هو.
شيخ زيد اسپتال جي ترجمان موجب، زهريلي دوا واپرائڻ سبب پيءُ ۽ ٻن معذور پٽن ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته نياڻي جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي.