مٺي ٿرپارڪر پوليس چورن خلاف ڪارروائي، ٻه رڍون ۽ هڪ موٽر سائيڪل ضبط، هڪ جوابدار گرفتار
مٺي (ڊ-ر) ٿرپارڪر پوليس جي چورن خلاف ڪارروائي، ٻه رڍون ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ، 1 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل تفصيل موجب: ماڊل پوليس اسٽيشن مٺي جي ايس ايڇ او پنھنجي اسٽاف سان گڏ گشت دوران ڪارروائي ڪندي جوابدار ڇگن ولد آسوجي رهواسي کاري ڏيپلو کي گرفتار ڪيو
جنهن وٽان چوري ٿيل ٻه رڍون ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي. جوابدار خلاف ماڊل پوليس اسٽيشن مٺي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
جُون 1, 2025