ڇور جي ترقي جو روشن چهرو چيئرمين نظر محمد آريسر جي مثالي اڳواڻي
ڇور ( رپورٽ: لالجي سوڍو ) ڇور ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين نظر محمد آريسر جي اڳواڻي هيٺ ڇور شهر تيزي سان ترقي جي راهه تي گامزن آهي،
هن جي محنت، ايمانداري ۽ عوامي خدمت جي جذبي کي شهرين وڏي ساراهه ڏئي رهيا آهن، شهر جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي منصوبن، صفائي، اسٽريٽ لائيٽن جي لڳائڻ، پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين بنيادي سهولتن بابت چيئرمين آريسر کي خراج تحسين پيش ڪيو پيو وڃي، نظر محمد آريسر ٿوري ئي وقت ۾ اهڙا قدم کنيا،
جن سبب ڇور شهر جو نقشو ئي تبديل ٿيڻ لڳو آهي، عوامي حلقن جو چوڻ آهي ته آريسر رڳو چونڊيل نمائندو ناهي، پر حقيقي معنيٰ ۾ عوام جو خادم آهي، جنهن هميشه علائقي واسين جي مسئلن کي ترجيح ڏني آهي، عوامي سطح تي ڪوٺايل گڏجاڻين، کليل ڪچهريُن ۽ رابطي جي مهمن وسيلي چيئرمين آريسر هر طبقو جي آواز ٻڌي ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا،
نوجوانن لاءِ راندين جي ميدانن جي بحالي، عورتن لاءِ صاف ماحول، ۽ بزرگ شهرين لاءِ سهولتن جي فراهمي، سندس فلاحي سوچ جو واضح مثال آهن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، شهري حلقن ۽ عام ماڻهن جي وڏي انگ چيئرمين نظر محمد آريسر تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ سندس ڪارڪردگي کي مثالي قرار ڏنو آهي، ڇور واسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهڙي قيادت ميسر رهي ته ڇور جلد ئي هڪ مثالي شهر طور سامهون ايندو.
جُون 1, 2025