سکر ليبر ڪالوني جي فليٽن جي الاٽمينٽ جي نالي تي لکين رپين جي فراڊ خلاف شهري پاران ڪارروائي جي گهر
سکر(بيورو رپورٽ )سکر سان واسطو رکندڙ شهري خادم حسين ڪانڌڙو الزام لڳايو آهي ته محمد شهزاد مغل ولد محمد اڪرم مغل کيس فليٽن جي الاٽمينٽ جي نالي تي 42 لک 50 هزار رپيا وٺي ڪيترن ئي مهينن کان پيسا واپس نه ڪيا آهن. شهري موجب هن معاملي بابت ڪيس نمبر 72/2025 پڻ داخل ڪرائي چڪو آهي،
جڏهن ته شهزاد مغل کيس نه رڳو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، پر مختلف اعليٰ ادارن کي شڪايتون ڪرڻ باوجود به ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي.
خادم حسين وڌيڪ الزام لڳايو ته شهزاد مغل غيرقانوني سرگرمين جهڙوڪ فحاشي، منشيات، ۽ فليٽن جي نالي تي گندي ڪاروبار ۾ ملوث آهي، جڏهن ته غلام فريد نالي شخص هن سان ملي ڪري هن جون مدد ڪري رهيو آهي.
هن انڪشاف ڪيو ته شهزاد مغل جو ڀاءُ اڳ به فليٽن جي ڌوڪي ۾ ڇهه سال قيد ڪاٽي چڪو آهي ۽ هن وقت ايف آءِ اي وٽ گرفتار آهي.
متاثر شهري اعليٰ اختيارين، ڊي آءِ جي، آءِ جي، وزيراعليٰ سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته شهزاد مغل ۽ سندس ساٿين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندس رقم واپس ڪرائي وڃي.
جُون 1, 2025