سکر عوام پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان، پيسن عيوض پاڻي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف
سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي عوام پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان منتخب نمائندن سميت يوسي چيئرمين به ننڊ ستل پيسن عيوض پاڻي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف به سامھون اچي ويو
تفصيل موجب: ھن قھر جي گرمي اندر عوام پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان پيسن عيوض پاڻي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف به سامھون اچي ويو اڄ نمائش روڊ واٽر سپلائي جي انچارج عاشق عباسي پاران مائيڪرو ڪالوني جي رھواسين کان پاڻي جي مد ۾ پيسا وٺڻ تي ڇڪتاڻ ٿي پئي جنھن تي علائقي واسين ۽ عملي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي
۽ ان تي يوسي چيئرمين فوري طور ايڪشن وٺندي معاملي کي حل ڪرائڻ لاء سرگرم بڻجي ويو جڏھن ته ٻئي طرف علاقي واسين جو چوڻ ھو ته اسان جڏھن پاڻي جو ٽينڪر وٺڻ لاء واٽر سپلائي آفيس پھتا سين ته ات ويٺل انچارج عاشق عباسي، ۽ ان جو اسٽاف اسان سان بدتميزي ڪرڻ لڳو ۽ اسان جو موبائيل به ٽوڙي چڏيو
جنھن تي اسان يوسي چيئرمين کي شڪايت ڪئي ۽ چيئرمين معاملي جو نوٽس وٺي عملي کي ھدايت ڪئي ته عوام کي رليف ڏنو اگر ٻيھر اھڙا واقعا پيش آيا ته پوء عملي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي
ٻئي طرف ان معاملي کي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آھي ته عوام پهريان ئي مھانگائي جي ڪري پريشان آھي ۽ مٿان وري پاڻي به پيسن عيوض وڪرو ڪيو پيو وڃين ۽ جڏھن ته سکر ۾ به ڪراچي جيان ٽينڪر مافيا قابض ٿي پاڻي پيسن عيوض وڪرو ڪري رھيا آھن ميئر سکر کي ھن واقعي جو فوري طور نوٽس وٺڻ گھرجي ۽ ان ۾ شامل ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃين.
جُون 1, 2025