سيوهڻ: يوم عاشوره تي ذوالجناح جو جلوس، امام حسين عليه السلام ۽ شهيدن کي پرسو، سيڪيورٽي جا سخت انتظام
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوھڻ 31 مئي 18 جيٺ61 ھجري 10 محرم الحرام يوم عاشوره شھادت امام حسين عليه السلام جي موقعي تي ڪربلا معلا تان سجاده نشين درگاھ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه سيد گل محمد شاھ لڪياري جي قيادت ۾ ذوالجناح جو جلوس بر آمد، سيوھڻ 31 مئي 18 جيٺ 61 ھجري 10 محرم الحرام يوم عاشوره شھادت امام حسين عليه السلام جي موقعي تي سجاده نشين درگاھ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليہ سيد گل محمد شاھ لڪياري جي قيادت ۾ ذوالجناح امام حسين عليه السلام ڪربلا مان جلوس بر آمد، ھي جلوس پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو درگاه حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليہ جي مزار جي علمدار صحن ۾ پھتو، جتي امام حسين عليه السلام 72 شھداء ڪربلا جو پرسو ڏنو ويو،
ھن جلوس ۾ ماتمي عزادارن سينا زني جو ماتم ڪيو، نوحہ خوانن نوحہ خواني ڪئي، ھن جلوس ۾ سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھئا، يوم عاشوره جو جلوس قديمي حسيني امام بارگاھ تي اختتام پزير ٿيو، جتي جلوس ۾ آيل سادات ۽ مومنن عزادارن ۾ نگر نياز تقسيم ڪيو ويو.
جُون 1, 2025