سيوهڻ: ايس ايس پي ڄامشورو جي هدايت تي سنيپ چيڪنگ، ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي ) ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇھانگا جي حڪم تي سب ڊويزن سيوھڻ جي اي ايس پي عبدالله افضل جي سربراهي ۾ سيوھڻ تعلقه پوليس جي سنيپ چيڪنگ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آھي،
ايس ايڇ او سيوهڻ ذوالفقار اوڍاڻو، ايس ايڇ او ڀان سيد آباد محمد علي کوکر ۽ ون فاء انچارج منظور حسين دل جن مختلف هنڌن تي سنيپ چيڪنگ شروع ڪري ڇڏي آھي، اي ايس پي سيوهڻ عبدالله افضل پوليس پاران سنيپ چيڪنگ جي عمل جو جائزو ورتو، اي ايس پي سيوھڻ سب ڊويزن سيوھڻ جي مختلف ھنڌن پير شاخ، لنڊي شاخ، ڇني موڙ، جوهي موڙ ڀان سيدآباد ۽ ٻين هنڌن جو دورو ڪيو،
ان جو وڌيڪ چوڻ ھئو تہ ڏوهاري ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، جڏهن ته سرچ ڊيوائس ذريعي مختلف ماڻهن جي تصديق ڪئي پئي وڃي.
جُون 1, 2025