ملڪ فلاحي جماعت جي چيئرمين ملڪ رضوان الحق پاران صادق آباد جي مهمانن جو شاندار استقبال
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)ملڪ فلاحي جماعت جي چيئرمين ملڪ رضوان الحق پاران صادق آباد جي مهمانن جو شاندار استقبال خبر موجب صادق آباد مان آيل وفد سان ملڪ فلاحي جماعت جي باني ۽ چيئرمين محترم ملڪ رضوان الحق جو شاندار استقبال ڪيو ويو. معزز مهمانن ۾ ملڪ اسلام عرف لالو ڀائي، ڪائونسلر ملڪ اصغر، ملڪ محمد حسين، علي حسن ۽ ٻين دوستن شامل هئا، جن ملڪ رضوان الحق سان ملاقات ڪئي.
مهمانن پاران ملڪ رضوان الحق کي گلن جا هار ۽ گلن جو گلدستو پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ملڪ رضوان الحق مهمانن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته فلاحي جماعت جي مشن جو مقصد ملڪ جي هر علائقي ۾ خدمت ۽ ڀائيچاري جو واڌارو آهي.
مهمانن کيس صادق آباد اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي ملڪ رضوان الحق جلد دورو ڪرڻ جو وعدو ڪيو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ پوري ٿي.
جُون 1, 2025