ايس ايس پي سکر اظهر مغل جو سکر چيمبر آف ڪامرس جو دورو

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد  گل ڪلوڙ)سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) سکر جناب اظهر مغل سکر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو دورو ڪيو، جتي صدر محمد خالد کاڪا زئي ۽ نائب صدر ملڪ محمد اويس رئيس جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران ايس ايس پي چيمبر جي ميمبرن سان امن امان، پوليس جي قدمن ۽ واپارين سان تعاون جي مختلف رخن تي ڳالهيون ڪيون.

ايس ايس پي اظهر مغل چيو ته سکر ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ۽ مؤثر قدم کنيا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته سڀني ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کان سختي سان ڪم ورتو پيو وڃي. هن انڪشاف ڪيو ته بخشاپور ۾ جاري ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ ڪجهه ڌرين پاران ڀتو وٺڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون، جن تي فوري ڪارروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اهڙين فون ڪالن ۾ واضع گهٽتائي آئي آهي.

ايس ايس پي ون ويلنگ خلاف جاري آپريشن بابت به آگاهي ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪا ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وڃي ته شهري سڌي ريت اطلاع ڏين. هن اعلان ڪيو ته سکر چيمبر سان هڪ مفاهمتي ياداشت (MoU) تي صحيحون ڪيون وينديون، جنهن تحت هر مهيني سي آءِ اي، ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز، ٽريفڪ پوليس ۽ 15 جي اهلڪارن سان گڏ اجلاس ٿيندو، ته جيئن شهر جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهجي.

چيمبر جي صدر محمد خالد کاڪا زئي، نائب صدر ملڪ محمد اويس رئيس، لا اينڊ آرڊر ڪاميٽي جي ڪنوينر چوڌري زاهد اقبال ۽ ٻين ميمبرن ايس ايس پي جي تعيناتي کانپوءِ امن امان ۾ بهتري جي تعريف ڪئي، پر ساڳئي وقت پڇاڙي ٻن مهينن دوران اغوا براءِ تاوان، ڀتو، موٽر سائيڪلن ۽ روڪ رقم جي چوري، ڦرن ۽ ٻين ڏوهن ۾ واڌاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

هنن عيد الاضحيءَ جي حوالي سان واپاري علائقن، خاص طور تي مال جي منڊيءَ ۾ پوليس جي تعينات، گشتي نظام جي واڌ ۽ ٻين حفاظتي قدمن تي زور ڏنو. واپارين مطالبو ڪيو ته ڏوهن جي روڪٿام ۾ ناڪامي جي صورت ۾ ذميوار اهلڪارن کي معطل يا بدلي ڪيو وڃي، گرفتار ٿيل جوابدارن کان سامان جي وصولي يقيني بڻائي وڃي، ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، ۽ اناج، آئل ۽ ٻين شين سان ڀريل گاڏين کي بيجا روڪڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

اضافي طور تي، موٽر سائيڪلن ۽ قيمتي سامان جي چوريءَ کي روڪڻ، منشيات خلاف سخت آپريشن، ۽ واپاري علائقن ۾ مستقل پوليس موجودگيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ به تجويزون ڏنيون ويون.

ايس ايس پي اظهر مغل واپارين جي تجويزن کي ساراهيو ۽ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته شهرين جي تحفظ ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ پوليس پنهنجا سڀ وسيلا استعمال ڪري رهي آهي.

جُون 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو