سکر: ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر حاجي عبدالعزيز ڪلهوڙو ريٽائرڊ، الوداعي تقريب ۾ خدمتن کي ڀيٽا پيش

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر جو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري، سيڪينڊري ۽ هائير سيڪينڊري حاجي عبدالعزيز ڪلهوڙو ريٽائرڊ ٿي ويو، سندس مان ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن، استادن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي،

ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسڪولز آف ايجوڪيشن ايليمينٽري/سيڪينڊري ۽ هائير سيڪينڊري ريجن سکر حافظ شهاب الدين انڍڙ خطاب ڪندي چيو ته حاجي عبدالعزيز ڪلهوڙو جون تعليم جي واڌاري لاءِ ڏنل خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، هو محنتي، بهترين ۽ قابل استاد جي روپ ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن جو سينگار هو،

 هن جو ملازمن سان مضبوط پيچ رهيو، سندس وٽ ڪم ڪرڻ واري عزت ملندي رهي، اڳين وقت ۾ تعليم کاتي سميت ٻين سرڪاري کاتن ۾ قدآور شخصيتن جا مالڪ آفيسر هوندا هئا، جيڪي بغير ڪنهن خوف ۽ لالچ جي وڏي ذميواري واري عهدي تي پاڻ نڀائيندا رهيا، عبدالعزيز ڪلهوڙو به انهن جيان ماٺيڻي طبيعت وارو آفيسر رهيو، هن جي ذميوارين ۾ ساٿين سان محبت ڪرڻ شامل رهي آهي،

هن هميشه تعليم کي هٿي وٺرائڻ خاطر متحرڪ ڪردار ادا ڪيو، هن ڳالهائيندي چيو ته اسان ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ جيڪو ٻوٽو 5 ورهيه اڳ لڳايو هو، اهو هاڻي وڻ ٿي ويو آهي، سماج جي ترقي، خوشحالي ۽ ماڻهن جي اخلاق ادب جي اوسر ۽ واڌ ويجهه ۾ تعليم جو شعبو انتهائي اهميت جو حامل آهي، ان موقعي تي حاجي عبدالعزيز ڪلهوڙو ڳالهائيندي چيو ته رهنمائي ڪندڙ سينيئر آفيسرن ۽ ملازمن جي ڀرپور معاونت ڪري آئون والهانه جذبي سان ڪم ڪندو رهيس،

 مون هميشه استاد جي پيشي کي محترم ڄاڻي سچائي ۽ نيڪ نيتي سان آفيس جا مسئلا حل ڪرڻ سميت ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ جاکوڙيو، مون اهو يقين آهي ته هڪ قابل استاد کي معاشري ۾ اڄ به عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو،

 انهن استادن جي عظمت کي سلام پيش ڪيون ٿا جن علم جي جذبي ۽ لاڳيتو جدوجهد سان شاگردن کي منزل تي رسائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي،

تقريب دوران سيد امير مختيار شاهه موسوي، عبدالقيوم کوسو، اطهر حسين قريشي، محبوب شيخ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته حاجي عبدالعزيز ڪلهوڙو ڪيئي خوبين جو مالڪ آهي، هن وفاداري سان ڪم ڪيو، ڪنهن منجهائيندڙ مسئلي تي صلاح مشوري ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندو رهيو،

 سندس همٿ ڀريو ڪردار تعليم جي شعبي سان سلهاڙيل استادن لاءِ اتساهه جو ذريعو آهي، ان دوران ريٽائرڊ ٿي ويل حاجي عبدالعزيز ڪلهوڙو کي اعزاز بخشيندي ثقافتي سوکڙي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا.

جُون 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو