ملڪي سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ عوامي ڪم ڪرائڻ ۾ مسئلا ۽ رنڊڪون!

Spread the love

ياسمين چانڊيو

پنھنجي ملڪ سڳوري ۾ عام شھرين لاءِ  ڪنھن به سرڪاري يا خانگي کاتي ۾ ڪم ڪرائڻ ڪنھن جنگ جوٽڻ ، کان گھٽ ناھي ھوندو .شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ ھجي ،گيس يا بجليءَ جو ميٽر لڳرائڻو ھجي. ڊوميسائيل ، ٽائون آفيس ، ڪورٽ  يا لائسنس ،پاسپورٽ ،بينڪ يا  وري ڪھڙي به اداري  ۾ ڪم ھجي .ھر جاءِ تي بي انتها دل ،دماغ کي تڪليف ڏيندڙ وقت لڳندو آھي ۽غير ضروري شرطن کي منھن ڏيڻ سان گڏ ،انھن ادارن اندر ويٺلن بي حس آفيسرن جون بي واجبيون به برداشت ڪرڻيون پونديون آھن ،اتي ويٺل ايئن محسوس ڪرائيندا آھن ڄڻ ڪو اسان پنڻ لاءِ آيا  آھيون. ۽ اتي آقا ۽ غلامن وارو نظام لاڳو ھوندو آھي.وڏو الميو اھو ت وري انھن ادارن ٻاھران ويٺل ايجنٽ مافيا کي به منھن ڏيڻو پوندو آھي جن جي  انھن ادارن ٻاھران منڊي لڳل  ھوندي آھي ت جيڪو به عام ماڻھو ڪم ڪرائڻ اچي تنھن کان کين رشوت عيوض جلد ڪم ڪرائڻ لاء مقرر رقم رکيل ھوندي آھي.سو واري واري سان ٻين  ادارن بابت تفصيلي لکندي رھندس. پر تازو ذاتي تجربا اوھان سان ونڊيندس.

ڪجهه ڏينھن اڳ  مون کي ،ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس پنهنجي گهر لاءِ نئين ميٽر لڳائڻ جي سلسلي ۾ وڃڻو پيو.جڏهن اتي  پھتس ته! ٻارنهن وڳي جو وقت ٿي رهيو هو. مون سوچيو فارم وٺي جمع ڪرائي ھڪ وڳي تائين فارغ ٿيندس ۽ پوءِ پنهنجي ننڍڙي نياڻي جي اسڪول ھلي ويندس ايستائين موڪل جو وقت به ٿي ويندو.سو آفيس اندر وڃڻ تي خبر پئي ته ٽوڪن وٺڻ  جو ٽائيم اوور ٿي ويو آهي.اتي ويٺل ڪجهه عورتن کان معلوم ڪيم ته ھو ڪيتري ٽائيم کان ويٺل آهن انهن چواڻي ته صبح جو نائين وڳي کان.مان وري  اڳين ڏينهن ننڍڙيءَ کي اسڪول ڇڏي گھر وڃي تڪڙ ۾ ناشتو ڪري ،گاڏيء کي سئو کان مٿي جي اسپيڊ ڏني جيئن وقت تي پھچي سگھان.! جڏهن ڪي اليڪٽرڪ  جي آفيس پھتس .

فارم وٺڻ لاءِ..وڃڻ سان ڏٺم تمام گهڻي رش لڳل ھئي ٽوڪن وٺڻ لاءِ قطار  ۾ بيھڻو ھو . ڪافي دير قطار ۾ بيھڻ کان پوءِ وڃي نيٺ ٽوڪن مليو، ۽ انهن چواڻي ويٽنگ ۾ ويھو.مان ان ڳالهه کان اڻڃاڻ ته اھو رڳو پھريون مرحلو ھيو.مان ٽوڪن ھٿ ۾ جھلي ڪنڊ تي پيل ڪرسيءَ تي ويهي رھيس ! ۽  اسڪرين تي ھلندڙ ٽوڪنن جي  نمبرن تي نظر ٽڪائي ويھي رھيس. جنھن جي انائونسمينٽ به ٿي رھي ھئي .

گھڻي،گھڻي  دير سان نمبر تبديل ٿين پيا ايئن ويٺي ويٺي مٿان اچي ھڪ وڳي جو وقت ٿيو منهنجي حالت ڳپل وقت  ويھڻ ۽ گرميءَ ڪري ٿوري خراب ٿي وئي، نيٺ آخر ڪار سوا ھڪ وڳي منهنجو نمبر آيو،  مونکي فارم مليو جيڪو فل ڪري جمع ڪرائڻو ھو سو به ٻئي ڏينهن، (اتي ھڪ ڳالهه واضع  ڪندي ھلان ته توهان جو ڪنهن به سرڪاري يا خانگي ،اداري ۾ معمولي ڪم ڇو نه هجي تنهن لاءِ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ توهان نمبر وٺي انتظار ڪيو ڀلي ڪا ھڪ معلومات ئي ڇو نه پڇڻي ھجي)سو تنھن ڏينهن ايترا ڪلاڪ ويھڻ ڪري چيلهه ۾ شديد سور پئجي ويو ۽ ميدي ۾ پڻ. وڏي مشڪلن سان گاڏي ھلائي ننڍڙي جي  اسڪول ليٽ پھتس. وري  اڳين  ڏينهن فارم فل ڪرايو جنهن تي لکيل هو ته ارڙهين گريڊ جي آفيسر کان اٽيسٽ ڪرائڻو آهي.

حيرت ان ڳالهه جي ته سڀ اصلي ڪاغذ جيڪي اڳ ئي اٽيسٽ ٿيل آهن، تن کي وري فارم لاءِ اٽيسٽ ڪرائڻو آهي.سو اھو ڪم به ڪرايو. عمومن اھي ڪم منهنجو گهر وارو ڪرائيندو آهي پر تن ڏينهن ۾ ان کي موڪل ڪان پئي ملي پنهنجي ڊيوٽي کان،.  ايئن ٽيون ڏينهن به ان ڪم سانگي لڳي ويو سڄا ڪاغذ مڪمل ڪري وري چوٿين ڏينهن نائين وڳي: ڪي اليڪٽرڪ: جي آفيس اھو سوچي ويس  ته ھاڻي فارم جلدي جمع ٿيندو جو ھڪ سويل آئي آھيان  ۽ ڪاغذ به سڀ مڪمل اٿم.

آفيس وڃڻ سان وري ساڳيو قصو ٽوڪن ورتو لائن ۾ بيھي وري نائين وڳي کان ھڪ ٿي ويو آخر جڏهن منهنجي واري آئي،اتي شيشي جي پويان ڪائونٽر تي ويٺل ماڻھون کي ھڪ دريءَ نمان  سوراخ مان ھٿ ٽپائي فارم ان جي ھٿ ۾ ڏنم ڪجهه دير کان پوءِ ان  فارم مونکي واپس ڏيندي چيوته  سڀ ڪم فارم ۾ ٿيل آهي باقي ھڪ درخواست ناهي، جيڪا ٻاهر ويٺلن فلاڻن کان لکرائي اچو ته پوءِ فارم جمع ٿيندو. مون ڪاوڙ ۾ چيو مانس ته اھا ڳالههه توهان ان ڏينهن به ٻڌائي پيا سگهو ھي روز روز چار چار ڪلاڪن جي انتظار کان پوءِ توهان ھڪ ھڪ ڳالهه ٻڌايو ٿا توهان کي اندازو آهي ته وقت ڪيترو قيمتي آهي.تنھن تي اھو  ماڻهو  تپي باھ ٿي ويو چيائين تو جيان  سڀ ٻيا به ويٺل آهن تو سڀني جيان آهين، اسان جا ڪم ڪجهه رولز ريگوليشن تحت ٿيندا آھن.فارم جمع ڪرائڻو اٿئي ته ڪراءِ نه ته تنهنجي مرضي.مون ان کي چيو فارم ڏيو ته مان پاڻ درخواست لکي اوھان کي ڏيان ٿي ،تنھن تي چوڻ لڳو اھو فارم ۽ درخواست لکڻ ٻاھر ويلن وٽان ملندو ،باقي اوھان ھتان کان ھٽو مون وٽ ايترو وقت ناهي جو اوھان جي سوالن جا جواب ڏيان مان ان کي ڪو به جواب ڪونه ڏنو سڌو آفس کان ٻاهر آيس جتي گاڏي پارڪ  ڪئي ھئم  :اتي ڀر ۾ چار پنج ڪراڙا ماڻھون الڳ الڳ جڳھه تي ويٺل ھئا. سامهون سندل رکيل پاسي ۾ بينچ رکيل درخواست لکڻ وارن لا جتي اھي  ويھي  پنھنجي واري جو انتظار ڪري رهيا هئا. اتي به درخواستون لکرائڻ وارن جي رش لڳل ھئي ،۽ اتي رکيل سندلن ۽  جي چوڌاري بينر لڳل جنهن تي مختلف درخواست لکڻ لاءِ مختلف قيمتون مقرر ھيون. ساڍن ستن سون کان ويندي ٻارنهن سون تائين درخواست لکڻ جي قيمت  لکيل ھئي.اھو ڏسي مان ڏاڍي حيران ٿي ويس!!بحرحال ، مان به ھڪ ڪراڙي جي پاسي ۾ وڃي بيٺس پر رشِ گھڻي ھئڻ ڪري دير پئي ٿئي ننڍڙي جي اسڪول جي موڪل جو ٽائيم ٿي ويو.مان وري ٻيو فارم لکرائڻ ۽جمع ڪرائڻ کان سواءِ  واپس ھلي ويس.پنجين ،ڏھاڙي، وري صبح ساڻ وڃي ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس ٻاهران منڊي لڳلن مان ھڪ کان درخواست لکرائي جنهن جا ان ماڻهوءَ ساڍا ست سئو روپيا ورتا.

وري وڃي ٽوڪن ورتو درخواست جمع ڪرائڻ لاءِ ۽ وري ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ منهنجو نمبر آيو،

آخر ڪار چار پنجن ،ڏينهن جي خواري ، ذھني ،جسماني تڪليف, ۽ خرچو ڪرڻ کان پوءِ وڃي ،ھڪ ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس ۾ رڳو ميٽر لڳرائڻ جي درخواست جمع ٿيجڏهن ته بجلي نالي ماتر ۽ بل ھزارن کان ويندي لکن تائين .ڪراچي جيڪو انٽرنيشنل شھر ھوندي به بنيادي سھولتن کان وانجهيل ،ادارا ، بي حس مافيا بڻيل ،ڪير پڇڻ وارو ناهي ،انڪري جو ھي ملڪ عوام جو ناھي پر ھي ملڪ رڳو ھڪ خاص مخلوق جو آھي .جيڪا پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ سوڌو اجاراداي ڪندي پئي اچي.۽ عام ماڻھون انھن جي بوٽن ھيٺان ،جيت ،جانورن،  جيان آهي ،سنڌ جي سموري اپت ۽ پاڪستان جي سموري پيسي تي اھي عياشيون ڪري رھيا آھن.بجيٽ جو ٻيانوي سيڪڙو ،۽ سموري دنيا کان ورتل ڦنڊ ،آئي ايم ايف جو قرض سڀ انھن تي خرچ ٿي رهيو آهي.رھيل ٻ ،سيڪڙو رقم مان ملڪ ھلي ٿو سو ڪيئن ٿو ھلي؟ان کان ھر ذي شعور واقف آهي.,

تنھن ڳالهه مونکي لکڻ تي مجبور ڪيو. تنهن کان علاوه جنهن به اداري ۾ ڪم پيو ساڳي حالت ساڳي گنڊا گردي  تنھن بعد ڪار جو نئون،، لائسنس ،پنهنجي گهر واري سان گڏ  ٺھرائڻ ويس اتي به ساڳي حالت ٻاهر ويٺل ڇاڙتن جي منڊي لڳل جيڪي,واري واري سان بيان بازي ڪن ۽ ويجهو اچي چون ته توهان ھيترا پيسا ڏيو ته توهان جو ڪم ھيتري مقرر ٽائيم ۾ جلدي ٿي ويندو.سوڪ سينٽر جي ٻاهران درخواست لکندڙن سان گڏ ارجنٽ ڪم ڪرائڻ وارا ايجنٽ  مافيا به  کوڙ تعداد ۾ ويٺل ھئا،نادرا جون آفيسون ھجن، ڊي سي آفيس،، يا ڪورٽ، گيس جي آفيس ھجي ٽائون آفيس ھجي، يا ڪمشنر آفيس

بينڪ، ھر ھنڌ غريب ماڻهون خوار  لڳو پيو آهي.جڏهن مون ان  ڪي اليڪٽرڪ درخواست لکائڻ واري معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي خبر پئي ته جن ادارن ۾ جيڪي ماڻهون رٽائرڊ ٿا ٿين سي اندر ويٺلن جي ملي ڀگت سان ٻاهر ويھي درخواست لکرائڻ جو طريقو اختيار ڪيو آھي اھو طريقو يا، ايجنٽ مافيا وارو ڌنڌو,  ھاڻوڪو ڪونهي منهنجي خيال موجب ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ  ئي جاري ٿيو آهي، جنھن ڌنڌي ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو ٿو وڃي باقي پنھنجي ملڪ سڳوري ٺھڻ کان اڳ اھڙي ڪا خرابي ڪان ھوندي ،انڪري جو انگريزن ۾  وري به انسانيت  ھئي، ماڻھپو ھيو .  ھڪ ته اسان جي ادارن ۾ معمولي درخواست جمع ڪرائڻ لاءِ به ھفتن جا ھفتا  لڳي ٿا وڃن،تنھن کان علاوه ٻيا ڪم الڳ :اتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته جيڪو غريب ماڻهون ڏينهن ۾ پنج سئو مس ٿو ڪمائي سو وري ھڪ درخواست تي پنج سئو کان وڌيڪ پيسا ڀري تنهن جي گھر جو چلھو ڪئين ٻرندو؟ ۽ اھو ڪيترن پيڙائن مان گذرندو؟ پر اھو سوال ھن بي حس سماج ۾ رڳو سوال ئي رھندو.نادران آفيسن ٻاهران ھن گاڙھي جھڙي گرميءَ ۾ ڪو به اھڙو انتظام ٿيل ناھي  نه ئي ڪا ٽينٽ لڳل آھي قطارن ۾ بيٺل ماڻھو گرميءَ ۾ بي ھوش ٿيندا آهن ،۽ بي پي وڌيڪ ٿيڻ ڪري: موت : به واقع ٿيندا آهن .. ايتري تڪليفن ذلالت ۽ پيسن خرچ ڪرڻ کان پوءِ به شناختي ڪارڊ ڪجهه سالن لاءِ ٺاھي ڏنو ٿو وڃي،..

ٻئي پاسي ويچارن پينشن وٺڻ وارن کي به بينڪ وارا خوار ڪندا آهن. معمولي معمولي ڳالهه تي ٻاهر ويٺلن کان ڳري رقم ڀري درخواست لکرائڻ تي مجبور ڪندا آهن. ھتي ھيٺين کان وٺي مٿي تائين جيڪي به سرڪاري ادارا آهن. اتي غريب ماڻهون ڦرجڻ کان علاوه خوار ۽ ذھني ،جسماني ،اذيت جو شڪار پيو ٿئي.آخر انهن درخواست لکندڙن کي ڪھڙي قانون تحت اتي وھاريو ويو آهي.؟ ۽ اصلي ڪاغذن کي  وري وري اٽيسٽ ڪرائڻ جي ڪھڙي تُڪ ٿي ٺهي ؟

نيٺ ڪير ھن انڌير نگري چوپٽ راڄ کي ختم ڪندو ؟ ڪير ھن ناانصافين تي آواز اٿاريندو ؟ ۽ ڪيستائين غريب ماڻهون انھن منڊي لڳل ڇاڙتن جو شڪار ٿيندو رھندو ؟,ٻي ڳالهه ته جيڪي به ماڻهون انهن ادارن اندر  ويٺل آهن اھي انسانيت ۽ اخلاقي قدرن کان وانجھيل ٿا ٿي وڃن.

ڪھڙو به ادارو ڏسو غريب ماڻهون جيڪو پنهنجو الھه تلهھ حاصل ڪرڻ خاطر ڪورٽ جي دروازي تي ٿو اچي ان کي  دروازي ٻاھران ويٺل ئي لٽي فري ٿا ڇڏين  ھزارين روپيا پيپر ٽائيپ ۽ درخواستن ۾ ۽ ھزارين روپيا وڪيلن جي فيسن ۾ پوءِ جيڪو قرض کڻي آيو هو پنهنجو حق وٺڻ لاءِ سو اتي ئي فرجيو وڃي ٻي ڳالهه ته ڳرين رقمن عيوض نقلي لائيسن ارجنٽ ٺھرائي ڏنا ٿا وڃن.ماڻھن جي ملڪيت جا کاتا ٻين جي نالي ڪيا ٿا وڃن جنهن ڳالهه جو مون وٽ ثبوت آهي.مجموعي طور ڏٺو وڃي ته ت سڀني ادارن ۾ ڇاڙتا ويٺل آهن ۽ ويچارو عوام بي وس لاچار پسجي ٿو.

اهي ادارا، جيڪي عوام جي سهولت لاءِ قائم ڪيا ويا آهن، اڄ عوام لاءِ عذاب بڻجي چڪا آهن. ڪم ته پري جي ڳالهه، انهن آفيسن ۾ داخل ٿيڻ به بنا سفارش يا واقفيت جي ممڪن ناهي. هڪ عام غريب ماڻهوءَ لاءِ هي ادارا انصاف، سهولت  نه، پر اذيت جا مرڪز آهن. هڪ رپورٽ مطابق، پاڪستان جي 65 سيڪڙو شھري مافيا بڻيل ادارن کي رشوت ڏيڻ لاءِ مجبور ٿين ٿا. ڇا ھي ملڪ سڳورو ،فقط وڏن زميندارن، وزيرن، آفيسرن ۽ ميمبرن لاءِ آهي؟ ڇا غريب ماڻهوءَ جو وقت، عزت نفس ، ڪو به مطلب نٿو رکي؟ ڇا عام انسان کي عزت سان ساهه کڻڻ لاءِ به رياستي ادارن جي در تي رلڻو پوندو؟ ڇا اسان جو عوام سدائين اهڙن نااهل، ڪرپٽ ۽ عوام دشمن ادارن جي رحم و ڪرم تي رهندو؟ يا ڪو اهڙو نظام ايندو، جتي گيس، بجلي، لائسنس، شناختي ڪارڊ، يا بئنڪ جي سروس عزت ۽ برابريءَ سان حاصل ڪرڻ عوام جو حق سمجهيو ويندو؟ پر اھو شايد ھاڻ ھن رياست ۾ رڳو سوال ئي رهجي ويندو ؟! انڪري جو ھت عوام، جيت، جانور آھي ..

جُون 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو