ڪنهن کي به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ نه ڏينداسين: صدر، وزيراعظم

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن کي به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نه ڏسڻ ڏينداسين.
صدر آصف زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف گورنر هائوس لاهور ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ پرڏيهي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم صدر کي تازو ڪيل پرڏيهي دورن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ملاقات ۾ گورنر پنجاب سليم حيدر خان ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق پڻ شرڪت ڪئي.
صدر آصف زرداري چيو ته اسان کي گڏجي پاڪستان کي ترقيءَ جي رستي تي وٺي وڃڻو آهي، پاڪستان جون ڪاميابيون اڄ دنيا تسليم ڪري رهي آهي، ڪنهن کي پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دوست ملڪن جا دورا تمام ڪامياب رهيا، پاڪستان هميشه امن جو پيغام ڏنو آهي، هاڻي پاڪ فوج جي بهادريءَ کان پوءِ ڪو به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي.

جُون 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو