جي يو آءِ جو ننڍي عمر ۾ شادين تي پابندي جي قانون خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام ننڍي عمر ۾ شادين تي پابندي جي قانون خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان جي سڃاڻپ اسلام آهي، ملڪ جي اسلامي سڃاڻپ کي ختم ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته ان کان اڳ جيڪي قانون سازيون ٿيون، آءِ ايم ايف جي تجويزن کي بنياد بڻايو ويو، گڏيل قومن جي ٺهرائن جو حوالو ڏئي ننڍي عمر جي ٻارڙين جي شادين بابت قانون سازي ڪئي پئي وڃي، صدر مدرسن جي قانون تي صحيحون نه پيو ڪري.
سندس چوڻ هو ته قرآن ۽ سنت جي ابتڙ قانون سازي ٿي رهي آهي، جمهوريت پنهنجو ڪيس هارائي رهي آهي، جنرل مشرف جي دور ۾ به عورتن بابت قانون سازي ڪئي وئي، خلاصو اهو آهي ته جائز نڪاح لاءِ ڏکيائيون ۽ زنا لاءِ آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن، اسلامي نظرياتي ڪائونسل ان قانون کي رد ڪري چڪي آهي.
مولان فضل الرحمان ننڍي عمر ۾ شادين تي پابندي جي قانون خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪندي چيو ته اسان دنيا سامهون پنهنجو بيانيو رکنداسين.