اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف لنڊن روانو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم ۽ ن ليگ قائد نواز شريف لنڊن روانو ٿي ويو، هو ڪجهه ڏينهن لنڊن ۾ ئي رهندو.
ذريعن موجب لنڊن ۾ قيام دورام نواز شريف معمول جون ميڊيڪل ٽيسٽون به ڪرائيندو، جڏهن ته هو عيد به لنڊن ۾ ئي ملهائيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي عيد جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ واپسي جو امڪان آهي پر اهو حتمي ناهي ۽ مصروفيتن سبب سندس واپسي ۾ دير به ٿي سگهي ٿي.