اسين سردارن جي ظلم خلاف ڪفن ٻڌي بيٺا آهيون ۽ انشاءَ الله هر ظلم جو مردانيءَ سان مقابلو ڪنداسين: ام رباب چانڊيو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) ام رباب چانڊيو جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ دادو ۾ جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ ٿي،
جيڪا وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ 14 جون تائين ملتوي ڪئي وئي. فريادي ام رباب چانڊيو، سندس وڪيل صلاح الدين پنهور ۽ ڀاءُ پرويز چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، برهان خان چانڊيو، اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو، ستار چانڊيو ءِ ٻيا جوابدار به عدالت آڏو پيش ٿيا ٻئي پاسي، گرفتار جوابدار ذوالفقار چانڊيو، علي گوهر، مرتضىٰ ۽ سڪندر چانڊيو کي جيل پوليس پاران عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ڪيس تقريبن پوري طريقي سان مڪمل ٿي چڪو آهي، صرف ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل باقي آهن،
جيڪي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ٻڌا ويندا. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته اسان کي عدالتن کان پوري اميد آهي ته هو انصاف فراهم ڪنديون. منهنجي ظلم خلاف اٽل بيهڻ کانپوءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو سرداري نظام خلاف آواز اٿاري روڊن تي نڪتا آهن.
اسين سردارن جي ظلم خلاف ڪفن ٻڌي بيٺا آهيون ۽ انشاءَ الله هر ظلم جو مردانيءَ سان مقابلو ڪنداسين. واضع رهي ته ام رباب جو هي ڪيس صرف هڪ خاندان جو مسئلو نه رهيو آهي، پر سنڌ ۾ جاري سرداري نظام، طاقت، اثر ۽ مظلومن تي ٿيندڙ ظلمن جي علامت بڻجي چڪو آهي. عوام کي هاڻ اميد آهي ته عدليا هن اهم ڪيس ۾ تاريخي فيصلو ڪندي.
مَي 31, 2025