ملير گڏاپ ڊويزن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف سرچ آپريشن، قانوني دستاويز نه هئڻ باوجود ڪو به افغان شهري گرفتار نه ٿيو

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي جي هدايت تي گڏاپ ڊويزن ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين خلاف هڪ گڏيل سرچ آپريشن ڪيو ويو آپريشن ايس پي گڏاپ سيد ذوالفقار حيدر جي نگراني هيٺ ڪوچي ڪيمپ، يسرب ڪالوني، باقائي يونيورسٽي جي ويجهو علائقن ۽ ٻين ڪچين آباديءَ ۾ ڪيو ويو۔پوليس جي وڏي نفري گهر گهر تلاشي ورتي ۽ جديد سرچ ڊوائيسز ذريعي هر ڪنڊ ڪڙڇ کي چيڪ ڪيو ويو۔

چيڪنگ دوران صرف انهن افغان مهاجرن جي تصديق ڪئي وئي جن وٽ ACC (افغان شهري ڪارڊ) يا PoR (پروف آف رجسٽريشن) جهڙا قانوني دستاويز موجود نه هئا ۔

پوليس موجب آپريشن جو مک مقصد انهن افغان شهريءَ جي سڃاڻپ ڪرڻ هو، جيڪي بغير قانوني دستاويزن جي ملڪ ۾ رهائش اختيار ڪيل هئا۔ ڪارروائي دوران اهڙو ڪو به غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهري نه مليو۔

حڪام جو چوڻ آهي ته هن آپريشن جو مقصد مقامي آباديءَ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ علائقي ۾ غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام آهي۔

مَي 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو