سکر: يومِ تڪبير جي مناسبت سان ڇوڪرين جي ڪرڪيٽ چيمپين ٽرافي 2025، پاڪستان نيوي فائنل ميچ کٽي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي
سکر (بيورورپورٽ) 28 مئي يوم تڪبير جي ڏهاڙي جي مناسبت سان 31 مئي تي اسپورٽس ڪلب سکر هاڪي اسٽيڊيم ۾ ڇوڪرين جي ڪرڪيٽ چيمپين ٽرافي 2025 منعقد ڪئي وئي۔
ڪرڪيٽ چيمپين 2025 راندين ۽ نوجانن جي معاملن واري کاتي ۽ شهيد محترمه بينظير وومين اسپورٽس اڪيڊمي سکر جي گڏيل تعاون سان ڪوٺائي وئي۔ ايونٽ جي مهمان خاص اسسٽنٽ ڪمشنر سکر سٽي عروت الوثقي هئي۔
ڪرڪيٽ چيمپين 2025 ۾ چئن ٽيمن حصو ورتو, جن ۾ پاڪستان آرمي, پاڪستان نيوي, پاڪستان ايئرفورس ۽ پاڪستان رينجرز ٽيمون شامل رهيون۔پاڪستان ايئرفورس ۽ پاڪستان رينجرز جو ايونٽ مان ناڪ آئوٽ ٿيڻ بعد فائنل ميچ پاڪستان آرمي ۽ پاڪستان نيوي ٽيمن جي درميان کيڏي وئي, فائنل ميچ ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان آرمي جي ٽيم 8 اوورز ۾ 63 رنسون ٺاهيون,
جڏهن ته جواب ۾ پاڪستان نيوي جي ٽيم ڏنل حدف 4 اوورن ۾ پورو ڪري ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي۔ ايونٽ ۾ فاتح ٽيم جي ثناء کي بهترين ڪاڪردگي ڏيکارڻ تي مين آف دي ميچ ۽ ڪيش انعام ڏنج ويو۔ فائنل ميچ کٽڻ تي فاتح ٽيم ۾ ٽرافي, ڪيش انعام ۽ شرٽس تقسيم ڪيون ويون
جڏهن ته ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ ٻين ٽيمن ۾ پڻ انعام ورهايا ويا۔ ان موقعي تي مهمان خاص ڳالهائيندي چيو ته هن پروگرام جو بنيادي مقصد نوجوان ڇوڪرين جي راندين جي ميدان ۾ حوصلا افزائي ڪرڻ, قومي اتحاد کي اجاگر ڪرڻ ۽ هن عظيم ڏهاڙي کي ڀرپور نموني ملهائڻ آهي۔
ايونٽ ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر اخلاق احمد, سکر هاڪي جو جنرل سيڪريٽري, ذوالفقار علي ڀٽو, خواتين ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن, ۽ رانديگرن شرڪت ڪئي.
مَي 31, 2025