سکر: چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪميل حيدر شاهه جو پاڪستان سوئيٽ هوم سکر جو دورو

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر  ڪميل حيدر شاھ ۽ تنظيم آرائيان جي چيئرمين پاڪستان  سوئيٽ هوم سکر جو دورو ڪري  ٻارڙن سان ملاقات ڪئي ۽ عيد جا تحفا پڻ ورهايا۔

ان موقعي تي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر ڪميل سيد حيدر شاھ چيو ته ڏکي انسانذات جي خدمت ڪرڻ نيڪي جو ڪم آهي انهي لاءِ بي سهارا يتيم ٻارن جي پر گهور لهڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي هن وڌيڪ چيو تہ پاڪستان سويٽ ھوم جو ادارو بي سھارا، بي پهچ ۽ يتيم ٻارن کي سھارو ڏئي بهترين ڪم ڪري رهيو آهي.

 هن سويٽ ھوم جي ٻارڙن ۽ انتظاميا کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان سڀ هتي اوهان جي  مدد ڪرڻ لاءِ موجود آهيون ۽  انهن جي ڀلائي جي  ڪم جي تعريف ڪندي چيو ته  کين معياري تعليم حاصل ڪرڻ  ھنن ٻارن جو بنيادي حق آھي ۽  اسان کي هنن ٻارن تي فخر آھي. چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر  يتيم ٻارن جي ڀلائيءَ خاطر والدين ۽ زمرد خان جي غير معمولي خيال کي ساراهيو، جنھن سبب سويٽ ھوم جا ٻارڙا پيار منجھان کيس پاپا جاني سڏين ٿا.

تقريب ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم جي ڊائريڪٽر شبير ميمڻ، ھيومن رائيٽس جي چيئرمين ۽ سوئيٽ هوم سکر جو عملو موجود ھو۔  انھيءَ موقعي تي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه چيو ته  ھن اداري سان ھرممڪن تعاون ڪيو ويندو. هن سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته هو پڻ هن اداري ۽ ٻين ڀلائي جا ڪم ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن ته جئين يتيم ۽ بي سهارا ٻارن کي زندگي جون بنيادي سهولتون مهيا ڪري کين معاشري ۾ برابري وارا حق ڏئي سگهجن.

ان موقعي تي ڊائريڪٽر سوئيٽ هوم سکر شبير ميمڻ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر کي اداري بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته اسان وٽ 100 کان وڌيڪ ٻار موجود آھن جن کي رھائش کاڌ خوراڪ، دوائون، تعليم سميت زندگي جون سموريون گھربل سھولتون مفت ۾ فراھم ڪيون پيون وڃن جڏھن ته ھن سوئيٽ ھوم جا ٻار مختلف ناليوارن ادارن ۾ پڻ زيرتعليم آھن. پاڪستان سويٽ ھوم سکر م ڊاڪيومينٽري بہ ڏيکاري وئي.

مَي 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو