سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر جي سالياني عشائيي ۾ ججن کي خراج تحسين، چيف جسٽس پاران اي-لائبريري جو اعلان
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سکر جي ميزباني هيٺ هڪ شاندار سالياني عشائيي جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ عدليه جي معزز ججن ۽ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هي تقريب صرف روايتي عشائيي تائين محدود نه رهي، پر ان جو اصل مقصد معزز ججن جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس خادم حسين ٽنيو کي سندن هڪ سال جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪرڻ هو.
تقريب جو مهمان خاص قائم مقام چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد جنيد غفار هو، جن جي شرڪت تقريب جي اهميت کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو. خاص مهمانن ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت، جسٽس محمد سليم جيسر، جسٽس امجد علي سهتو، جسٽس ذوالفقار علي سانگي، ۽ جسٽس علي حيدر ادا شامل هئا.
تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي. ميزباني بار صدر قربان علي ملانو ۽ جنرل سيڪريٽري آچر گبول ڪئي. چيف جسٽس اعلان ڪيو ته بار کي جلد ئي اي-لائبريري فراهم ڪئي ويندي ۽ عدالتي حڪمن کي ڊجيٽل بڻايو پيو وڃي. معزز مهمانن کي روايتي تحفا ۽ شيلڊون پڻ پيش ڪيون ويون.
مَي 31, 2025