سکر: روهڙي ۾ آڪڙا پرچي جو ڪاروبار عروج تي، پوليس خاموش، ايس ايڇ او تي سرپرستي جا الزام، عدالتي نوٽيس جو مطالبو

Spread the love

سکر(  رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ  )روهڙيءَ ۾ آڪڙا پرچي جو ڪاروبار زور شور سان جاري، پوليس بي خبر: حنالاڙڪ** خبر موجب يقين سهارا ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرپرسن حنالاڙڪ انڪشاف ڪيو آهي ته روهڙي شھر ۾ ايس ايڇ او جهانگير مهر جي سرپرستي ۾ آڪڙا پرچي جو غيرقانوني ڪاروبار کلي عام هلي رهيو آهي،

 جنهن ڪري نوجوان نسل تباهيءَ جي ڪناري تي اچي ويو آهي. هن چيو ته اسٽيشن روڊ، لا لا شهزادا چوڪ، روهڙي سٽي، ساکاڻي ڳوٺ، ماتم ڳوٺ، اڇيون ڪبيون سميت مختلف هنڌن تي لکين رپين جي جوا روزانو جي بنياد تي هلي رهي آهي، پر مقامي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

حنالاڙڪ موجب، معصوم ٻار ۽ نوجوان انعام جي لالچ ۾ آڪڙا پرچي جي لعنت ۾ ڦاسي چڪا آهن، جيڪي پنهنجا گهر جا سامان کپائي جوا ۾ هٿ آزمائي ڪري رهيا آهن. نتيجي طور ڪيترائي خاندان فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، پر پوليس انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايس ايڇ او جهانگير مهر جي مبينا رشوتخوري سبب جوا جو ڪاروبار بي خوف هلي رهيو آهي.

چيئرپرسن حنالاڙڪ ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ايس ايس پي سکر اظهر مغل کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نوٽيس وٺي آڪڙا پرچي جو ڪاروبار بند ڪرائي، سماج کي خراب ٿيڻ کان بچايو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته سماجي براين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان نسل جي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهجي. جڏن ته ايس ايڇ او جهانگير مهر سان فون تي رابطو ڪيو ته رابطو نه ٿي سگهيو.

مَي 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو