سکر : کير ٿر ڪئنال ۽ دادو ڪئنال جي کاٽي ڪرائڻ جي نالي تي اربن جي ڪرپشن جو انڪشاف

Spread the love

سکر(بيورورپورٽ) کير ٿر ڪئنال ۽ دادو ڪئنال جي کاٽي ڪرائڻ جي بھاني تي اربن جي ڪرپشن جو انڪشاف۔عدالتي جاچ جو مطالبو۔ان سلسلي ۾ اعتماد جوڳن ذريعن انڪشاف ڪيو آھي ته کير ٿر ڪئنال لاءِ کاٽي جا ڏيڍ ارب روپيا ء دادو ڪئنال جي کاٽي لاء پنجاه ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن

 لاڙڪاڻو جي ايريگيشن آفيسرن جا ٺٺ ٿي ويا۔ٺيڪدار ۽ عملدارن جي ملي ڀڳت سان  کاٽي واري مٽيءَ واھن جي اندر رکي پاڻي ھلائي ڇڏيو آهي هن چيو ته سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم تي ٺھيل پارڪ ۽ فوٽ پاٿ کي تباھ به ڪري ڇڏيو آھي۔ لاڙڪاڻو ايريگيشن جي نالي وارن آفيسرن ھڪ ٺيڪدار صدر الدين پٺاڻ کان ٽريڪٽر ٽرالي ذريعي ڪم ڪرايو ويو۔ھن ھلندڙ آبڪلياڻي جي موسم ۾ واھ وھڻ جي پوزيشن کان ھليا ويا آھن

 واھ اھڙي حالت ۾ پاڻي ڪيئن کڻندا پنھنجي ڊپارٽمينٽ کي ھٿ سان تباه ڪيو پيو وڃي۔سنڌ جي آبادگارن ۽ سماجي حلقن چيف جسٽس آف سنڌ کي اپيل ڪئي آھي ته لاڙڪاڻو ايريگيشن عملدارن جي ڪيل بيقائدگين جو نوٽيس وٺندي جاري ڪيل اربين رپين جي عدالتي جاچ ڪرائي قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪرائي آبپاشي سسٽم کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي۔

مَي 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو