ڪراچي ۾لوڊشيڊنگ جو عذاب: حڪومت ڪي- اليڪٽرڪ تي مھربان ڇو؟

Spread the love

ڪراچي، جنھن کي ملڪ جي معاشي دل طور سڃاتو وڃي ٿو، اتي بجليءَ جو بحران هاڻي رڳو بد انتظامي ۽ نااهلي ناهي رهيو پر عوام جي زندگي، صحت، تعليم ۽ خوشحال مستقبل تي سڌو سنئون حملو بڻجي ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جھڙي ميگا سٽي ۽ سنڌ جي گادي واري شھر کان سواءِ ملڪ جو معاشي حب بڻجي ويو آھي، جنھن کي بجلي مھيا ڪرڻ واري اڪيلي نجي اداري واري ذميواري ڏئي ڪراچي واسين لاءِ عذاب پيدا ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري ڪراچي شھر ۾تقريبن 16 20 ڪلاڪن تائين لوڊ شيڊنگ، اوور بلنگ، سڀ کان وڌيڪ ٽيرف ۽ ڊٽيڪشن ڪراچي واسين جو ڄڻ تھ مقدر بڻجي ويو آھي، اھڙي ڪي اليڪٽرڪ جي ھڪ ھٽي واري ظلم کان تنگ ڪراچي واسين نھ رڳو اھڙي بي رحم ۽ ڪرپٽ ترين ڪارپوريٽ سفيد ھاٿي خلاف حڪومت کان ڪي اليڪٽرڪ سان ٿيل معاھدو ٽوڙڻ وارو بار بار معاھدو ڪيو ويندو رھيو آھي، جنھن تي عمل نھ ٿيڻ خلاف ڪراچي جي عوام ڪيترائي احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايا آھن، پر افسوس تھ اھڙن عوامي مطالبن جو نھ تھ ڪي اليڪٽرڪ تي ڪو اثر پيو آھي، ۽ نھ ئي رياست اھڙي عوام۽ ملڪ دشمن معاھدي کي ٽوڙي ڪراچي واسين جي احتجاجن ۽ اپيلن کي مان ڏنو.
ڪراچي شھر اندر اڪيلي بجلي تقسيم ڪندڙ اداري ڪي اليڪٽرڪ پاران گذريل گھڻي عرصي کان ڪيترن ئي علائقن ۾ روزانو 8 کان 14 ڪلاڪن تائين بجلي بند ڪئي پئي وڃي. هاڻي ته حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو رات جو 10 وڳي کان صبح جو 10 وڳي تائين بھ شھرين کي بجلي جي سھولت مھيا ٿيل ناھي، جنھن ڪري شھري ڏينھن جو معاشيات جي حاصلات لاءِ سخت محنت ڪري، جڏھن گھر پھچن ٿا تھ بجلي ناھي ۽ رات جي اواندھي ۽ سخت گرمي ۾پکو نھ ھلڻ سبب ھوا نھ لڳڻ جي ڪري رات جي مٺڙي ننڊ کان پڻ شھري محروم بڻيل آھن، جنھن ڪري سرڪاري ملازم، مزدور، معصوم ٻارڙا، بزرگ ۽ مريض سڀ اذيت ۾مبتلا ٿيل آهن، نتيجي طور ننڊ پوري نھ ڪرڻ سبب شھري ذھني مريض بڻجي رھيا آھن، جنھن ڪري ڪراچي واسين جي ھمٿ، حوصلو ختم ٿي رھيو آھي، جنھن جي نتيجي ۾معمولي ڳالھھ تي جڳھڙا ٿيڻ معمول ٿي ويا آھن ۽ ڏوھاري سرگرمين ۾ شھرين جي سرگرمي ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. اهڙين حالتن ۾ سوال اٿڻ فطري آهي ته ڇا ڪي اليڪٽرڪ حڪومت کان وڌيڪ طاقتور ادارو بڻجي چڪو آهي؟ ڇا حڪومت، نگران ادارن سميت سياسي قيادت واقعي عوام جي نمائندگي ڪري رهي آھي يا ڪي اليڪٽرڪ جهڙن عوام ۽ ملڪ دشمن نجي ادارن جي مفادن جا نگراڻ بڻجي چڪا آهن؟ حيرت جي ڳالهه اھا بھ آهي ته حڪومت پاران ڪي اليڪٽرڪ خلاف عوامي احتجاج جو نه ڪو واضح نوٽيس ورتو ويو آهي ۽ نه ئي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جي ڪن مھٽ ڪئي وئي آھي، جڏھن تھ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (NEPRA) جي خاموشي مان بھ لڳي ٿو ته توانائي واري شعبي اندر عوامي مفادن جي تحفظ بدران ڪي اليڪٽرڪ کي تحفظ فراھم ڪرڻ وارو ادارو بڻجي ويو آھي. ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تھ بجلي رڳو هڪ سهولت نه پر اها انسان لاءِ هڪڙي بنيادي ضرورت آهي. اقوامِ متحده جي انساني حقن جي عالمي منشور مطابق هر انسان کي مناسب زندگي، صحت، آرام ۽ تعليم جو حق حاصل آهي، جڏهن رات جوشھرين کي ننڊ ئي ميسر ناھي تھ پوءِ شاگرد تعليم ڪيئن حاصل ڪندا؟ سرڪاري ملازم ۽ مزدور ٿڪاوٽ ۽ ننڊ جي کوٽ سبب ڪم نھ ڪري سگھندا ته ملڪ جي پيداوار ڪيئن وڌندي ۽ ملڪ ترقي نھ ڪري سگھندو، نتيجي ۾ معاشي طور تي ملڪ ڪمزور ٿيندو، جنھن جو فائدو ملڪ دشمن قوتن ۽ مافيائن کي ئي پھچندو، ان ڪري ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي سان ڪيترائي سوال اٿن ٿا، رياست کي انھن سوالن جو جواب بھ عوام آڏو آڻڻ جي ضرورت آھي، اھڙا ريمارڪس تازو سنڌ اسيمبلي ۾ معزز ميمبرن پاران اٿاريا ويا ۽ سي اي او ڪي اليڪٽرڪ کي حاضر ٿيڻ جو نوٽيس بھ جاري ڪيو، پر جيئن تھ ڪي اليڪٽرڪ سفيد ھاٿي بڻجي ويو آھي، ان ڪري سنڌ اسيمبلي جي نوٽيس کي بھ ردي جي ٽوڪري حوالي ڪندي حاضر نھ ٿيو.
اسان ھتي ملڪ جي وزيراعظم، توانائي واري وفاقي وزير، سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ نيپرا سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي صلاح ڏينداسين تھ رات 10 وڳي کان صبح 10 وڳي تائين واري ظالماڻي بجلي جي لوڊشيڊنگ تي فوري طور تي پابندي لڳائڻ سميت واڌارو ۽ ڊٽيڪشن واري ڪي اليڪٽرڪ جي ڦر مار واري عذاب کان شھرين کي نجات ڏيارڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گھرجن.

مَي 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو