سڪرنڊ ۾ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي الائيڊ بينڪ نوابشاهه مان چوري ڪندڙ گرفتار، ايس ايس پي شبير احمد سيٺار پاران پوليس کي شاباسي
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) الائيڊ بينڪ نوابشاھ مان چوري ڪندڙ جوابدار کي 15 پوليس ايئر پورٽ ٿاڻي جي پوليس جي مدد سان جديد ٽيڪنالاجي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي جاچ ڪرڻ بعد 48 ڪلاڪن اندر جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جنهن جي سڃاڻپ جاويد عرف فقير ليلگر طور ڪئي وئي آهي
گرفتار جوابدار جي قبضي مان ٻه موبائل فون ، ٻه اي ٽي يم ڪارڊ ۽ مختلف ملڪن جي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي جڏھن ته مٿس ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي پوليس پڌرائي موجب گرفتار جوابدار مٿان سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پڻ ڪيس داخل آهن گرفتار جوابدار اڳيئي پوليس کي گهربل هو جنهن جي پڻ جاچ ڪري رهيا آهيون
ھوڏانهن ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد شبير احمد سيٺار ڪامياب ڪاروائي ڪرڻ تي 15 پوليس ۽ ايئر پورٽ ٿاڻي جي پوليس کي شاباسي ڏيندي کين تعارفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مَي 30, 2025