دادو: آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو ڊي اي او آفيس اڳيان احتجاج، ويڪنيٽ سيٽون ظاهر نه ڪرڻ خلاف ڌرڻو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران ڊي اي او آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي، ڇتي نعريبازي ڪئي، مظاهرين اسلم ڀنڊ، اياز شيخ، عبدالرشيد ملڪ، سرفراز علي، سجاد علي، هوش محمد ملڪ ۽ ٻين احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته ضلعي ۾ تعليم کاتي جا آفيسر سرڪاري پاليسين تي عمل نه پيا ڪن ۽ ڄاڻي واڻي موجود خالي سيٽون ظاهر نه ٿا ڪن، اڳواڻن چيو ته اسان 40 کان وڌيڪ مارڪون کڻي آفر آرڊر جي اميد ۾ ڪيترا سال گذاري ڇڏيا آهن،
پر اڃا تائين اسان کي جوائنگ نه ڏني وئي آهي. هنن ڊي اي او ۽ ٽي اي او تي ڪرپشن جا الزام لڳائيندي مطالبو ڪيو ته انهن کي فوري طور هٽائي، ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن، مظاهرين چيو ته ضلعي دادو جي ٻين تعلقن ۾ اميدوارن کي جوائنگ ڏني وئي آهي، پر صرف تعلقي دادو جا اميدوار گذريل چئن سالن کان احتجاج ڪري رهيا آهن.
اڳواڻن وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي، غير قانوني طور رشوت عيوض اضافي مارڪون ڏئي من پسند اميدوارن کي ڀرتي ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اصل حق دارن کي جلد آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن،
مَي 30, 2025