سڪرنڊ ۾ منشيات ۽ شراب جي غير قانوني وڪري خلاف پيپلز پارٽي اڳواڻ علي اصغر رند جو سخت ردعمل ۽ انتظاميا کي خبردار ڪرڻ وارو اعلان

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ اڳوڻي ناظم علي اصغر رند پاران سڪرنڊ شهر ۽ آس پاس ۾ منشيات جي عام وڪري ۽ واهپي ۽ ڪيترن ئي نوجوانن جا لاش ملڻ کانپوءِ سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نوجوان نسل کي نشي جي باھ ۾ ڌڪڻ کان روڪڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي هن چيو ته سوشل ميڊيا ذريعي معلوم ٿيو آهي ته سڪرنڊ ۾ شراب جو گتو کوليو ويو آهي

 جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ڇاڪاڻ جو هن گتي سان شراب جو وڪرو عام ٿيندو جنهن جا سماج تي برا اثر پوندا علي اصغر رند  وڌيڪ چيو ته نشو سماجي براين جي جڙ آهي جيڪا ٻين براين کي جنم ڏئي ٿي نشي جي پوراءُ لاءِ نوجوان چوريون ۽ ڦرون ڪري نشو پورو ڪن ٿا ان ڪري ان پاڙ کي ختم ڪنداسين

هن انتظاميه کي چتاءُ ڏيندي اهو به چيو ته جيڪڏھن سڪرنڊ ۾ شراب جو گتو کليو ۽ انتظاميه ڪو تحرڪ نه ورتو ته اسين شهرين جي مدد سان پاڻ گتو بند ڪرائينداسين اميد آهي ته سڪرنڊ جا صحافي ، سماج سڌارڪ ۽ شريف شهري ان ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندا هن چيو ته پنجين جون تائين منشيات جي وڪري تي ڪنٽرول ۽ گتو بند نه ڪيو ويو ته دمام دم مست قلندر ڪنداسين هوڏانهن شراب جو گتو گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي سامهون هلايو پيو وڃي جنهن سان نوجوانن جي تعليم تي پڻ برو اثر پئجي رهيو آهي.

مَي 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو