سکر ۾ غيرقانوني مويشي منڊين سبب ٽرئفڪ جام ۽ شهري زندگي متاثر، انتظاميا جي نااهلي تي سخت تنقيد

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)سکر انتظاميا ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي نااهلي ۽ بي ضابطگين سبب شهر جي مختلف علائقن، رستن ۽ بازارن ۾ غير قانوني مويشي منڊيون قائم ٿي ويون آهن، جتي پوليس ۽ انتظامي عملدارن جي ملي ڀڳت سان مويشي وڪرو جو ڪاروبار بنا ڪنهن خوف جي جاري آهي.

 ريس ڪورس روڊ، پاڪ ڪالوني، نيو پنڊ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ غيرقانوني منڊين جي ڪري مصروف ترين روڊن تي ٽرئفڪ جام معمول بڻجي ويو آهي، جنهن تي شهري ۽ سماجي حلقا سخت پريشاني جو شڪار آهن.

تفصيل موجب، انتظاميا ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي رشوت خوري سبب مويشي مالڪن کي شهر جي اندر ئي غيرقانوني منڊيون لڳائڻ جي کلي اجازت ملي وئي آهي، جتي انتظامي آفيسرن جي سامهون ئي سرعام قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ڀتو وصول ڪيو پيو وڃي.

مويشي منڊين ۾ نه رڳو جانورن جو رش آهي، پر خريد ڪندڙن جو به وڏو انگ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، جنهن سبب بازارن ۽ روڊن تي آمد و رفت متاثر ٿي رهي آهي.سکر شهر جي نيو پنڊ، پاڪ ڪالوني، ريس ڪورس روڊ سميت ٻين علائقن ۾ جانورن جي خريد و فروخت بي خوف جاري آهي،

جڏهن ته ان صورتحال سبب شهري زندگي بُري طرح متاثر ٿي رهي آهي.

 شهري ۽ سماجي حلقن ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر جي اندر قائم غيرقانوني مويشي منڊين کي فوري طور تي شهر کان ٻاهر منتقل ڪيو وڃي، ۽ واپاري مرڪزن ۽ رستن تي مويشي وڪرو ڪرڻ تي سخت پابندي لڳائي وڃي ته جيئن ٽرئفڪ جام ۽ عوامي ڏکيائين مان نجات ملي سگهي.

مَي 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو