ڪيٽي شاهه فاريسٽ مان وڻن جي واڍي روڪڻ ۽ ٻيلي تان قبضا ختم ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ پنوعاقل ڪيٽي شاهه فاريسٽ مان وڻن جي واڍي، جهنگلي
جيوت جي تحفظ ۽ ٻيلي جي زمين تي قبضي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي، عدالت ايس ايس پي سکر کي وڻن جي ڪٽائي روڪي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ سميت ٻيلي جي حفاظت لاءِ جاکوڙيندڙ علائقي واسين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،
ان سلسلي ۾ پنوعاقل واسي عبدالصمد مهر طرفان ڪيٽي شاهه فاريسٽ مان وڻن جي واڍي، جهنگلي جيوت جي حفاظت ۽ ٻيلي جي زمين تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي تي مشتمل آئيني بئنچ آڏو ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ضياد ﷲ لغاري ۽ ڊپٽي ڪنزرويٽر عددنان حامد خان پيش ٿيا،
جن عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي آهي ته ڪيٽي شاهه فاريسٽ جي پنهواري بلاڪ ۾ ڦاڙهن ۽ ٻين جهنگلي جانورن سميت تترن ۽ مقامي وڻن جي افزائش لاءِ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان 2018ع کان 2021ع تائين پراجيڪٽ تحت ڪم ڪيو ويو، ان دوران ڪيٽي شاهه فاريسٽ جي پنهواري بلاڪ ۾ ڄاڻايل جهنگلي حيات جي حفاظت خاطر حدبندي ڪري انڪليور (ڀت) ٺاهي وئي،
ورلڊ بئنڪ جو پراجيڪٽ ختم ٿيڻ ڪري پنهواري بلاڪ جو انتظام سنڌ فاريسٽ ۽ سنڌ ماحولياتي ويلفيئر ايسوسيئيشن حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪي ان جي نگهباني ڪري رهيا آهن، فنڊز جي کوٽ سبب جهنگلي جيوت جي تحفظ ۾ مسئلا درپيش آهن، هنن عدالت کي استدعا ڪئي ته وڌيڪ نگهباني لاءِ فنڊ ڏنا وڃن،
عدالت فاريسٽ ۽ وائلڊ لائيف کاتي جي آفيسرن طرفان کنيل قدمن کي ساراهيندي وڌيڪ فنڊ جاري ڪرڻ جي استدعا رد ڪندي فاريسٽ ۽ وائلڊ لائيف کاتي جي آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته درخواستگذار سان تعاون ڪري ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت خاص طور ڦاڙها ۽ ٻين جانورن سميت تترن جو مڪمل تحفظ يقيني بڻايو وڃي،
عدالت ايس ايس پي سکر کي وڻن جي ڪٽائي روڪي ٻيلي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو۔
مَي 30, 2025