سکر ۾ ٻڪري وڪرو دوران پورهيت سان دوکو، دوکيباز نوجوان قيمتي ٻڪري وٺي فرار

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)سکر جي علائقي بچل شاهه مياڻي جي رهواسي پورهيت سان ٻڪري وڪرو دوران  دوکو ٿي ويو، ٻن اڻڄاتل نوجوانن چالاڪي سان قيمتي ٻڪري هٿ ڪري فرار ٿي ويا.

 متاثر پورهيت سهڙُو جمالی پنهنجي زال ريشمان خاتون سان گڏ سکر پريس ڪلب پهتو جتي هن صحافين کي ٻڌايو ته هو سکر سٽي باءِ پاس تي قرباني لاءِ پاليل ٻڪري وڪڻڻ لاءِ بيٺو هو ته ٻه نوجوان آيا ۽ 46 هزار رپين ۾ ٻڪري خريدڻ تي راضي ٿيا.متاثر شخص موجب، انهن ٻنهي نوجوانن ٻڪري پنهنجي قبضي ۾ وٺي،

 بدلي ۾ پنهنجي موٽر سائيڪل جا ڪاغذ هن کي ڏنا ۽ چيو ته هو رقم کڻي باءِ پاس ملٽري روڊ تي اچن ٿا پر ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪندو رهيس پر هو واپس نه آيا.سهڙُو جمالی جو چوڻ هو ته هو محدود آمدني وارو ماڻهو آهي ۽ قرباني جي ڏينهن ۾ ڪجهه آمدني جي اميد تي ٻڪري وڪڻڻ لاء نڪتو هيس

 پر ان واقعي کانپوءِ سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي. هن ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي آھي ته ساڻس ٿيل دوکيبازي جو نوٽيس وٺي  جوابدارن کي گرفتار ڪرائي هن جو نقصان پورو ڪيو وڃي

۔هوڏاهن عوامي ۽ سماجي حلقن واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي، پوليس اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته قرباني جهڙي مقدس عمل کي نشانو بڻائيندڙ اهڙن دوکيبازن خلاف فوري ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ٻيا شهري به محفوظ رهي سگهن.

مَي 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو