ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته فوجي آپشن کلي ويندو: واپڊا چيئرمين

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني خبردار ڪندي چيو آهي ته ڀارت طرفان پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته فوجي آپشن به اختيار ڪري سگهون ٿا.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيئرمين واپڊا چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڻي جي حق جو مڪمل دفاع ڪندو ۽ ڀارت کي واضح طور چيو ويو آهي ته پاڻي روڪڻ جنگ جي اعلان برابر آهي.
هن چيو ته ڀارت وٽ رڳو چناب ۽ سنڌو درياءَ تي محدود حد تائين پاڻي روڪڻ جي صلاحيت موجود آهي، ان لاءِ کيس وقت ۽ وسيلن جي ضرورت پوندي.
سجاد غني جو چوڻ هو ته ڀارت جي ان سوچ ۽ ارادي کي ناڪام بڻائڻ ضروري آهي ۽ جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي ته پوءِ ملٽري آپشن کلي ويندو.

مَي 30, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو