حادثي جو شڪار ٿيل نوجوان مهتاب شيخ جي حالت وڌيڪ خراب، وارث علاج ڪرائڻ کان لاچار
ملير(ذوالفقار علي نصيراڻي) حادثي جو شڪار ٿيل نوجوان مهتاب شيخ جي حالت وڌيڪ خراب، وارث علاج ڪرائڻ کان لاچار تفصيل موجب ساڍا ٽي سال اڳ روڊ حادثي جو شڪار ٿيل نوجوان مهتاب شيخ جي طبيعت ۾ بهتري اچڻ بجاءِ هاڻ حالت وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، وارثن موجب نوجوان جي جنگهن ۽ ٻانهن کي ٻڌڻ کانسواءِ سڪون نٿو اچي، غربت سبب وڌيڪ علاج به ڪرائي نه سگهيا آهن.
اڻ سلسلي م معلوم ٿيو آهي ته ميرپور ماٿيلو سان واسطو رکندڙ گهگهر واسي نوجوان مهتاب ولد وزير احمد شيخ لڳ ڀڳ چار سال اڳ هڪ روڊ حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کان پوءِ سندس جنگهون ۽ ٻانهون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. وارثن ٻڌايو ته نوجوان جي علاج لاءِ ٽي سال اڳ ملير ڪراچي منتقل ٿيا ۽ پنهنجو سڄو مال ملڪيت، گهر جو الھ تلھ وڪڻي علاج ڪرايو، پر نتيجي ۾ سندس حالت ۾ ڪا به بهتري نه آئي.
مهتاب جي امڙ موجب نوجوان جي مسلسل بيماري سبب سندس پٺيءَ تي زخم به ٿي پيا آهن، جڏهن ته جنگهون ۽ ٻانهون ٻڌڻ کان سواءِ کيس آرام نٿو ملي. هنن چيو ته هو سخت غربت جو شڪار آهن ۽ وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي سگهه نه ٿا رکن.نوجوان جي وارثن چيف سيڪريٽري هيلٿ سنڌ سميت وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته مهتاب شيخ جي علاج لاءِ مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن سندس زندگي بچائي سگھجي.
مَي 29, 2025