بن قاسم ۾ پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل ڪارروائي، گٽڪو ماوو ٺاهڻ وارو ڳجھو ڪارخانو وائکو

Spread the love

ملير(ذوالفقار علي نصيراڻي)  تفصيل موجب بن قاسم ٿاڻي جي حد گبول ڳوٺ ۾ پوليس ۽ رينجرز   گڏيل ڪارروائي ڪندي گٽڪو ۽ ماوو تيار ڪندڙ ڳجھي ڪارخاني تي ڇاپو هڻي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ شريف، ڌڻي بخش، خليل ۽ نواب شامل آهن،

جيڪي ڳجهي هنڌ تي گٽڪو ۽ ماوو تيار ڪري رهيا هئا. ڪارروائي دوران ڪارخاني مان 325 ڪلوگرام کان وڌيڪ ڇاليہ، تيار ٿيل گٽڪو ماوو، تمباکو، پتي، چونڻ، پيڪنگ جو سامان، مختلف ڪيميڪل ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون.

شروعاتي جاچ دوران جوابدارن انڪشاف ڪيو ته هو ٻين ساٿين سان گڏجي مختلف هنڌن تي گٽڪو ماوو تيار ڪري وڪرو ڪندا هئا،

۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان بچڻ لاءِ هو هر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪارخاني جو هنڌ تبديل ڪندا هئاپوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جو ڪرمنل ريڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي. بن قاسم پوليس جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي۔

مَي 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو