ڦلجي اسٽيشن ۾ ملڪيت جي تڪرار تي احتجاج، ظلم ۽ ڪوڙ ڪيسز خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو
ڦلجي اسٽيشن(رپورٽ: غلام حيدر پنھور) ڦلجي اسٽيشن جو رهواسي غلام رسول ميڻو پنهنجي ڀائٽين عبدالوحيد ۽ عبدالنبي ميڻو سان گڏجي ڀاء غلام ياسين ميڻو ۽ ڀاڄائي غلام فاطمه ميڻو جي ظلمن خلاف ايوان صحافت پريس ڪلب پھچي ويو،ڀاء ۽ ڀاڄائي ملڪيت ڦٻائڻ لاء ڪوڙا ڪيس ڪري پريشان ڪري رهيا آهن،
مظاھرين جا الزام ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ چيو ته ڦلجي اسٽيشن آرائين محله ۾ اسان جي چاچي مرحوم غلام حيدر ميڻو جي ملڪيت آھي چاچا سائين جي شادي نه ھئڻ ڪري اسين سڀ ڀائر چاچا جي ملڪيت ۾ حصيدار آھيون اسانجو ڀاء غلام ياسين ميڻو پنھنجي زال غلام فاطمه ميڻو,سالن غلام سرور ميڻو صادق ميڻو ۽ منير احمد ميڻو سان گڏجي ملڪيت تي قبضو ڪري ويھي رھيو آھي
ملڪيت مان حصو گھرڻ تان ڀاء پنھنجي زال ۽ سالن سان گڏجي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا آھن ۽ ميڊيا تي اچي اسان مٿان ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳائي اسان جي عزت مجروم ڪري رھيا آھن اسين غريب مسڪين پورھيت ماڻھون آھيون ڀاء ۽ ان جي سالن جا لوفر قسم جي ماڻھن سان واسطا آھن
جنھن جي ڪري ھو ملڪيت تان ھٿ کڻائڻ لاء ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏياري رھيا آھن ھنن ايس ايس پي دادو سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ڀاء,ڀاڄائي ۽ سندن سالن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري معاملي جي صاف شفاف نموني جاچ ڪرائي داخل سمورا ڪوڙا ڪيس ختم ڪرائي ملڪيت مان حصو ڏياريو وڃي.
مَي 29, 2025