سکر ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، سيپڪو چيف کي نوٽيس جاري
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر شهر ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سينيئر وڪيل بخشڻ خان مهر سنڌ هاءِ ڪورٽ سکرجي آئيني بينچ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت سيپڪو چيف ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي 30 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي
ان سلسلي ۾ سينيئر وڪيل بخشڻ خان مهر پاران داخل ڪيل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي آئيني بينچ، جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحميد ڀرڳڙي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ ڄاڻو آھي ته سيپڪو سکر جي چيف کي 5 مئي تي شڪايتي خط لکي سخت گرمي ۾ غير ضروري لوڊشيڊنگ خلاف ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي هئي۔
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سکر شهر جي مخصوص علائقن کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ٻين علائقن ۾ روزانو 12 ڪلاڪن کان 15ڪلاڪ وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سبب عوام سخت گرمي ۾ پريشاني جو شڪار آهي.وڪيل چيو ته سياسي اثر رسوخ ۽ سيپڪو اختيارين جي ملي ڀڳت سان ڪجهه مخصوص علائقن کي ترجيح ڏني پئي وڃي.درخواستگذار عدالت کي اپيل ڪئي ته سيپڪو جي ناانصافي جو نوٽيس ورتو وڃي
سڀني لاءِ برابري واري بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ روزانو 12 کان 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ کي ختم ڪيو وڃي. عدالت درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي سيپڪو چيف سکر ۽ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي 30 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي.
مَي 29, 2025