مٺي لڳ ڳوٺ ڀڪوئو کان گهونو لنڊ تائين روڊ زبون حالي ۾، چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي تي عوام سخت مايوس
مٺي(ڊ-ر) مٺي لڳ ڳوٺ ڀڪوئو کان ڳوٺ گهونو لنڊ تائين 35 ڪلوميٽر جو روڊ زبون حالي جو شڪار، برساتن سبب روڊ ۾ موتمار کڏا ٿي ويا ۽ انهي روڊ تي لوڻ کڻي ويندڙ وڏن وڏن ٽرالرن هن روڊ کي مڪمل طور تي تباه ڪري ڇڏيو آهي.
جڏهن ته لوڻ جي کاڻين مان لاڀ حاصل ڪندڙ ڌريون توڙي تڪ جا چونڊيل نمائندا پڻ علائقي کي روڊ سميت پاڻي توڙي بجلي جون اسڪيمون ڏيڻ لاء تيار ناهن ۽ چونڊيل نمائندا صرف ووٽ وٺڻ کان پوءِ خاموش بڻيل آهي جنهن ڪري عوام عذابن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ۽ عوام چونڊيل نمائندن پاران کين نظرانداز ڪرڻ تي سخت مايوسي جو شڪار آهي.
علائقي واسين موجب برساتن کانپوءِ روڊ ۾ وڏا وڏا موتمار کڏا پيدا ٿي ويا آهن جن سبب آمدرفت ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته روڊ جي مرمت نه ٿيڻ سبب ڪيترائي حادثا پڻ پيش اچي چڪا آهن ۽ وڌيڪ حادثن جو پڻ هر وقت خدشو رهي ٿو. ۽ ھاڻي اهو روڊ استعمال جي قابل ئي نه رهيو آهي پر چونڊيل نمائندن کي تر جيترو به احساس ٿيندي نظر نٿو اچي. مقامي ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته فوري طور تي نوٽيس روڊ جي مرمت ڪرائي بي چيني ختم ڪرائي وڃي.
مَي 29, 2025