سکر ۾ يومِ تکبير جي موقعي تي ريلي، تقريري مقابلن ۽ آتشبازي سان شاندار تقريب
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ يوم تکبير جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو جي سربراهي ۾ گلوب چوڪ کان واڪنگ ٽريڪ تائين ريلي ڪڍي وئي
ان موقعي تي پاڪ فوج زنده باد پاڪستان پائنده باد جا فلڪ شگاف جا نعرا هنيا ويا ريلي کانپوءِ لب مهران واڪنگ ٽريڪ تي صبح جيان تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر بشيرا منصور کان سواءِ شاگردن ، شاگردياڻن، استادن، والدين، مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
تقريب ۾ صبح جي تقريب ۾ فاتح شاگردن۾ فائنل تقريري مقابلو ڪرايو ويو پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليج ليول ٽن ڪيٽيگريز جي شاگردن ۽ شاگردياڻن فائنل تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو پرائمري ليول جو ظهير الدين، سيڪنڊري ليول جي زينش ذاڪر جڏهن ته هائير سيڪنڊري ليول جو عبدالباري کي فاتح قرار ڏنو ويو پرائمري ليول مان آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر، سيڪنڊري مان پاڪستان سويٽ هوم جڏهن ته هائير سيڪنڊري مان گورنمينٽ ڪمپري هينسو هائير سيڪنڊري اسڪولن جا شاگرد ڪامياب قرار ڏنا ويا ۔ڊپٽي ڪمشنر سکر جي طرفان ڊسٽرڪٽ انتظاميا جي طرفان ٽن فاتح شاگردن کي 50۔50 هزار رپيا انعام سان گڏ ٽرافيون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا
جڏهن ته تقريرن ۽ ٽيبلوز ۾ حصو وٺندڙ سڀني 29 شاگردن ۽ شاگردياڻن کي في ڪس 5 هزار رپيا نقد انعام ڏنا ويا جڏهن ته ٻارڙن جي حوصلاافزائي لاءِ نثار صديقي ٽائون چيئرمين طارق چوهاڻ پڻ ڪيش انعام ڏنا ان موقعي تي گلوڪارن ملي نغمن تي پرفامنس ڏئي داد وصول ڪيو۔تقريب جي آخر ۾ شاندار آتش بازي جو مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي شرڪت ڪندڙ لطف اندوز ٿيا.
مَي 29, 2025