سکر بار چونڊون: فنانس سيڪريٽري جي نشست لاءِ بينظير ميمڻ جو شفاف مالي نظام جو وعدو
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ڊسٽرڪٽ بار جي چونڊن ۾ فنانس سيڪريٽري جي عهدي لاءِ اليڪشن ۾ اميدوار
عورت وڪيل بينظير ميمڻ پنهنجي چونڊ مهم جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن وڪيل مون تي اعتماد ڪندا ته مالي نظام ۾ شفافيت، جوابداري ۽ ترقياتي قدمن کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائيندي.
هن چيو ته فنانس سيڪريٽري جو عهدو انتهائي اهم ذميواري آهي، ۽ هو ان ذميواري کي بهتر نموني ادا ڪري سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ سندس مقابلو ڪندڙ به قابل احترام آهن.
کيس اميد آھي ته عورت وڪيلن سميت مرد وڪيل به کيس سپورٽ ڪندا ڇاڪاڻ جو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن جي نئين باڊي ۾ عورت وڪيل جو هجڻ ضروري آھي۔هن چيو ته عورت جو معاشري ۾ اهم رول آھي ليڊي پنهنجي ذميواري کي نڀائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي ان لاء کيس يقين آھي ته ضرور ڪامياب ٿيندي۔
مَي 29, 2025